عبرانين 11:8-20 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

8. جڏھن ابراھيم کي سڏيو ويو تہ ايمان جي ڪري ئي ھو خدا جو حڪم مڃي انھيءَ جاءِ ڏانھن ھليو ويو، جيڪا بعد ۾ کيس ميراث طور ملڻي ھئي. جيتوڻيڪ ھن کي اھا خبر نہ ھئي تہ ڪيڏانھن ٿو وڃي، پر تڏھن بہ ھو اٿي روانو ٿيو.

9. ايمان جي ڪري ئي ھو خدا جي واعدي ڪيل ملڪ ۾ ھڪ پرديسيءَ وانگر رھيو. اسحاق ۽ يعقوب جيڪي خدا جي ساڳئي واعدي ۾ ساڻس گڏ وارث ھئا، سي بہ ابراھيم وانگر تنبن ۾ رھندا ھئا.

10. ڇالاءِ⁠جو ابراھيم انھيءَ شھر جو اميدوار ھو، جنھن جو بنياد پيل آھي ۽ جنھن جو تخليق ڪندڙ ۽ اڏيندڙ خود خدا آھي.

11. ايمان جي ڪري ئي ابراھيم پيءُ ٿيڻ جي لائق ٿيو، جيتوڻيڪ ھو تمام پيرسن ھو ۽ سارہ بہ سنڍ ھئي. ابراھيم کي واعدي ڪرڻ واري تي پورو پورو يقين ھو.

12. اھڙيءَ طرح ھڪڙي اھڙي شخص مان جيڪو تمام پيرسن ھو، آسمان جي تارن جيترا ۽ سمنڊ جي ڪناري جي واريءَ جيترا بيشمار ماڻھو پيدا ٿيا.

13. اھو ايمان ئي ھو جنھن تي اھي سڀ ماڻھو سڄي عمر قائم رھيا. جيتوڻيڪ کين واعدي ڪيل شيون نہ مليون، مگر انھن کي پري کان ئي ڏسي سندن مرحبا ڪيائون. ان سان گڏ ھنن قبول ڪيو تہ اسين ڌرتيءَ تي مھمان ۽ مسافر آھيون.

14. جيڪي ماڻھو اھڙيون ڳالھيون ڪندا آھن، سي ظاھر ڪندا آھن تہ اسين پنھنجي وطن جي ڳولا ۾ آھيون.

15. جيڪڏھن ھو انھيءَ ملڪ کي ياد ڪن ھا، جنھن مان نڪري آيا ھئا تہ جيڪر کين موٽي وڃڻ جو وجھہ ملي ھا.

16. پر ھاڻي ھو انھيءَ کان بھتر يعني آسماني ملڪ جي لاءِ واجھائي رھيا آھن. تنھنڪري خدا، انھن جو خدا سڏجڻ کان شرمائي نہ ٿو، ڇالاءِ⁠جو ھن انھن جي لاءِ ھڪڙو شھر تيار ڪري ڇڏيو آھي.

17. ايمان جي ڪري ئي پنھنجي آزمائش وقت ابراھيم اسحاق کي نذراني طور قربان ڪيو. اھو ئي ابراھيم جنھن خدا جا واعدا قبول ڪيا ھئا، سو پنھنجي پياري پٽ کي قربان ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو.

18. انھيءَ ئي پٽ جي باري ۾ خدا چيو ھوس تہ ”اسحاق مان ئي تنھنجو نسل جاري ٿيندو.“

19. ڇالاءِ⁠جو ھن سمجھيو تہ خدا کي مئلن مان جيارڻ جي قدرت آھي، سو انھن مان ئي ھن اسحاق کي مثالي طرح وري حاصل ڪيو.

20. ايمان جي ڪري ئي اسحاق يعقوب ۽ عيسوءَ کي سندن مستقبل جي برڪت ڏني.

عبرانين 11