جڏھن تہ شاھدن جي ھيڏي وڏي ڪڪر اسان جو اچي گھيرو ڪيو آھي، تنھنڪري اچو تہ اسين بہ ھر ھڪ رڪاوٽ ۽ انھيءَ گناھہ کي جيڪو اسان کي آسانيءَ سان منجھائي ٿو، پاسي ڪريون ۽ ثابتقدميءَ سان انھيءَ ڊوڙ ۾ ڊوڙون جيڪا اسان جي اڳيان آھي.