19. ڇالاءِجو ھن سمجھيو تہ خدا کي مئلن مان جيارڻ جي قدرت آھي، سو انھن مان ئي ھن اسحاق کي مثالي طرح وري حاصل ڪيو.
20. ايمان جي ڪري ئي اسحاق يعقوب ۽ عيسوءَ کي سندن مستقبل جي برڪت ڏني.
21. ايمان جي ڪري ئي يعقوب مرڻ مھل يوسف جي ٻنھي پٽن کي برڪت ڏني ۽ پنھنجي لٺ جي چوٽيءَ تي مٿو رکي سجدو ڪيائين.
22. ايمان جي ڪري ئي يوسف مرڻ مھل بني اسرائيل جي مصر ملڪ مان نڪرڻ جو ذڪر ڪيو ۽ پنھنجين ھڏين بابت حڪم ڏنائين.
23. ايمان جي ڪري ئي موسيٰ جي ماءُپيءُ سندس ڄمڻ کان پوءِ کيس ٽن مھينن تائين لڪائي رکيو، ڇالاءِجو ھنن ڏٺو تہ ٻار خوبصورت آھي ۽ اھي بادشاھہ جي حڪم کان ڪين ڊنا.
24. ايمان جي ڪري ئي موسيٰ وڏي ٿيڻ تي فرعون جي ڌيءَ جو پٽ سڏائڻ کان انڪار ڪيو.
25. ھن ڪري جو ٿوري وقت تائين گناھہ جي خوشين ماڻڻ جي بدران ھن خدا جي قوم سان گڏ ڏک سھڻ کي وڌيڪ پسند ڪيو.
26. ھن مسيح جي خاطر بيعزت ٿيڻ کي مصر جي خزانن کان وڏي دولت سمجھيو، ڇالاءِجو ھن جي نظر ملڻ واري اجر تي ھئي.
27. ايمان جي ڪري ئي موسيٰ بادشاھہ جي ڪاوڙ جي پرواھہ نہ ڪئي ۽ مصر ڇڏي ڏنائين. ھو ڏسڻ ۾ نہ ايندڙ خدا کي ڄڻڪ ڏسي ڪري ثابتقدم رھيو.
28. ايمان جي ڪري ئي ھن عيد فصح جي قرباني ڪئي ۽ رت ڇٽڪاريائين، انھيءَ لاءِ تہ موت جو ملائڪ بني اسرائيل جي پھريتن ٻارن کي ھٿ نہ لائي.
29. ايمان جي ڪري ئي بني اسرائيل ڳاڙھي سمنڊ مان ائين لنگھي ويا جيئن سڪيءَ تان لنگھبو آھي. پر جڏھن مصرين بہ ائين ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي تہ اھي ٻڏي مئا.
30. ايمان جي ڪري ئي يريحو شھر جون ڀتيون، جڏھن بني اسرائيل انھن جي چوڌاري ست ڏينھن ڦيرا ڏنا تہ اھي ڪري پيون.
31. ايمان جي ڪري ئي راحب ڪسبياڻي نافرمانن سان گڏ ماري نہ ويئي، ڇالاءِجو ھن جاسوسن کي پاڻ وٽ صحيح سلامت رکيو ھو.