رسولن جا ڪم 9:2-14 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

2. ۽ چيائينس تہ ”مون کي دمشق جي يھودي عبادت⁠خانن لاءِ ڪي اھڙي مضمون جا خط لکي ڏيو تہ جن بہ مردن توڙي عورتن کي انھيءَ طريقي تي ڏسان تہ کين گرفتار ڪري يروشلم ۾ وٺي اچان.“

3. واٽ ويندي جڏھن ھو دمشق جي ويجھو پھتو، تڏھن اوچتو آسمان مان ھڪڙي روشني اچي سندس چوڌاري چمڪڻ لڳي.

4. ھو زمين تي ڪري پيو ۽ ھڪڙو آواز ٻڌائين تہ ”اي شائول! اي شائول! تون مون کي ڇو ٿو ستائين؟“

5. ھن پڇيو تہ ”خداوند! تون ڪير آھين؟“ آواز چيو تہ ”آءٌ عيسيٰ آھيان، جنھن کي تون ستائين ٿو.

6. ھاڻي اُٿ ۽ شھر ۾ وڃ، جتي تو کي ٻڌايو ويندو تہ تو کي ڇا ڪرڻ گھرجي.“

7. جيڪي ماڻھو شائول سان گڏ وڃي رھيا ھئا، سي بيھي رھيا ۽ وائڙا ٿي ويا. انھن آواز تہ ٻڌو پر ڪوبہ ڏسڻ ۾ نہ آين.

8. شائول زمين تان اٿيو ۽ پنھنجون اکيون کوليائين، پر ھو ڏسي نہ ٿي سگھيو. سو انھن کيس ھٿ کان وٺي دمشق ۾ آندو.

9. ھو ٽن ڏينھن تائين انڌو ھو ۽ ان عرصي ۾ ھن نہ کاڌو ۽ نہ ڪجھہ پيتو.

10. دمشق ۾ ھڪ شاگرد ھو، جنھن جو نالو حنانياہ ھو. ھن رويا ڏٺي، جنھن ۾ خداوند کيس چيو تہ ”حنانياہ!“ ھن وراڻيو تہ ”حاضر منھنجا خداوند.“

11. خداوند ھن کي چيو تہ ”اٿ ۽ سنئين نالي گھٽيءَ ۾ يھوداہ جي گھر وڃي ترسس واري ماڻھوءَ جي پڇا ڪر، جنھن جو نالو شائول آھي. ھو دعا گھري رھيو ھوندو.

12. رويا ۾ ھن ڏٺو آھي تہ حنانياہ نالي ھڪ ماڻھوءَ اچي سندس مٿان پنھنجا ھٿ رکيا آھن تہ جيئن ھو وري ڏسڻ جھڙو ٿئي.“

13. حنانياہ چيو تہ ”خداوند! ڪيترن ئي ماڻھن مون کي انھيءَ شخص بابت ٻڌايو آھي تہ ھن تنھنجي ماڻھن سان يروشلم ۾ ڪيڏيون نہ جٺيون ڪيون آھن.

14. ھو ھتي بہ انھيءَ لاءِ آيو آھي تہ وڏن سردار ڪاھنن جي اختياريءَ سان انھن ماڻھن کي گرفتار ڪري جيڪي تنھنجو نالو وٺن ٿا.“

رسولن جا ڪم 9