رسولن جا ڪم 7:26-33 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

26. ٻئي ڏينھن ھن بني اسرائيل جي ٻن ماڻھن کي پاڻ ۾ وڙھندي ڏٺو ۽ انھن ۾ صلح ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندي چيائين تہ ’توھين پاڻ ۾ ڀائر آھيو، سو ڇو ٿا ھڪٻئي سان وڙھو؟‘

27. پر جيڪو ظلم ڪري رھيو ھو تنھن موسيٰ کي ڌڪو ڏنو ۽ چيائينس تہ ’ڪنھن تو کي اسان تي حاڪم ۽ منصف مقرر ڪيو آھي؟

28. ڇا تون مون کي بہ مارڻ چاھين ٿو، جيئن تو ڪالھہ ھڪ مصريءَ کي ماريو ھو؟‘

29. موسيٰ ھي ٻڌي وٺي ڀڳو ۽ مديان جي ملڪ ۾ وڃي اجنبي ٿي رھيو، جتي کيس ٻہ پٽ ڄاوا.

30. جڏھن چاليھہ سال گذريا تہ ھن کي ھڪڙي ملائڪ سينا جبل جي ويجھو بيابان ۾ ڏيکاري ڏني، جيڪو ٻرندڙ ٻوڙي مان ظاھر ٿيو.

31. موسيٰ ھي نظارو ڏسي حيرت ۾ پئجي ويو ۽ جڏھن ھو ان کي ڏسڻ جي لاءِ ويجھو ويو، تڏھن ھن خداوند جو آواز ٻڌو تہ

32. ’آءٌ تنھنجي ابن ڏاڏن جو خدا، ابراھيم، اسحاق ۽ يعقوب جو خدا آھيان.‘ موسيٰ ڏڪي ويو ۽ ان کي ڏسڻ جي ھمت نہ ٿيس.

33. خداوند ھن کي چيو تہ ’پنھنجي جتي لاھہ، ڇالاءِ⁠جو جنھن جاءِ تي تون بيٺو آھين سا ھڪ پاڪ زمين آھي.

رسولن جا ڪم 7