21. جڏھن انھيءَ کي گھر کان ٻاھر اڇلايائون تہ فرعون جي ڌيءَ کيس کڻي ورتو ۽ پنھنجو پٽ ڪري پاليائينس.
22. ھن کي مصرين جي سڄي حڪمت جو علم سيکاريو ويو ۽ ھو ڳالھائڻ توڙي ڪم ڪرڻ ۾ طاقتور ٿي پيو.
23. جڏھن موسيٰ چاليھن سالن جي عمر جو ٿيو تہ ھن ارادو ڪيو تہ ’آءٌ وڃي پنھنجي قوم وارن کي ڏسان.‘
24. ھن وڃي ڏٺو تہ سندس قوم بني اسرائيل جي ھڪڙي ماڻھوءَ سان ڪو مصري ظلم پيو ڪري. تنھنڪري موسيٰ انھيءَ جي مدد ڪرڻ ويو ۽ انھيءَ مصريءَ کي ماري ھن جو بدلو ورتائين.
25. موسيٰ سمجھيو ھو تہ ’منھنجي قوم وارا سمجھندا تہ خدا منھنجي وسيلي کين ظلم کان ڇوٽڪارو ڏيندو،‘ پر ھنن نہ سمجھيو.
26. ٻئي ڏينھن ھن بني اسرائيل جي ٻن ماڻھن کي پاڻ ۾ وڙھندي ڏٺو ۽ انھن ۾ صلح ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندي چيائين تہ ’توھين پاڻ ۾ ڀائر آھيو، سو ڇو ٿا ھڪٻئي سان وڙھو؟‘
27. پر جيڪو ظلم ڪري رھيو ھو تنھن موسيٰ کي ڌڪو ڏنو ۽ چيائينس تہ ’ڪنھن تو کي اسان تي حاڪم ۽ منصف مقرر ڪيو آھي؟
28. ڇا تون مون کي بہ مارڻ چاھين ٿو، جيئن تو ڪالھہ ھڪ مصريءَ کي ماريو ھو؟‘
29. موسيٰ ھي ٻڌي وٺي ڀڳو ۽ مديان جي ملڪ ۾ وڃي اجنبي ٿي رھيو، جتي کيس ٻہ پٽ ڄاوا.
30. جڏھن چاليھہ سال گذريا تہ ھن کي ھڪڙي ملائڪ سينا جبل جي ويجھو بيابان ۾ ڏيکاري ڏني، جيڪو ٻرندڙ ٻوڙي مان ظاھر ٿيو.
31. موسيٰ ھي نظارو ڏسي حيرت ۾ پئجي ويو ۽ جڏھن ھو ان کي ڏسڻ جي لاءِ ويجھو ويو، تڏھن ھن خداوند جو آواز ٻڌو تہ
32. ’آءٌ تنھنجي ابن ڏاڏن جو خدا، ابراھيم، اسحاق ۽ يعقوب جو خدا آھيان.‘ موسيٰ ڏڪي ويو ۽ ان کي ڏسڻ جي ھمت نہ ٿيس.
33. خداوند ھن کي چيو تہ ’پنھنجي جتي لاھہ، ڇالاءِجو جنھن جاءِ تي تون بيٺو آھين سا ھڪ پاڪ زمين آھي.
34. بيشڪ مون پنھنجن ماڻھن سان مصر ۾ ظلم ٿيندي ڏٺو آھي، مون انھن جي آھہ ٻڌي آھي ۽ کين بچائڻ لاءِ آيو آھيان. ھاڻي اچ تہ آءٌ تو کي مصر ڏانھن موڪليان.‘
35. اھو ئي موسيٰ جنھن کي بني اسرائيل قبول نہ ڪيو، بلڪ چيائونس تہ ’ڪنھن تو کي اسان تي حاڪم ۽ منصف مقرر ڪيو آھي؟‘ تنھن کي ئي خدا حاڪم ۽ بچائيندڙ بڻائي، انھيءَ ملائڪ جي وسيلي موڪليو، جنھن ھن کي ٻرندڙ ٻوڙي ۾ ڏيکاري ڏني ھئي.