رسولن جا ڪم 7:11-17 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

11. تنھن کان پوءِ مصر ۽ ڪنعان ۾ اچي ڏڪار پيو، جنھن ڪري ڏاڍي مصيبت پيدا ٿي. اسان جي وڏن کي ڪوبہ کاڌو ملي نہ ٿي سگھيو.

12. پر جڏھن يعقوب ٻڌو تہ مصر ۾ اناج آھي تڏھن ھن پنھنجي پٽن يعني اسان جي وڏن کي پھريون دفعو اوڏانھن موڪليو.

13. ٻئي دفعي يوسف پنھنجي ڀائرن کي پاڻ سڃاڻايو ۽ فرعون کي يوسف جي ڪٽنب جي خبر پئجي ويئي.

14. تنھنڪري يوسف پنھنجي پيءُ يعقوب ۽ پنھنجي سڄي ڪٽنب کي پاڻ وٽ گھرايو. اھي جملي پنجھتر ڄڻا ھئا.

15. پوءِ يعقوب مصر ڏانھن ويو جتي ھو ۽ اسان جا وڏا مري ويا.

16. انھن جا لاش کڻي وڃي شڪم جي انھيءَ قبرستان ۾ دفن ڪيائون، جيڪو ابراھيم شڪم ۾ حمور جي پٽن کان پيسن سان خريد ڪيو ھو.

17. جڏھن ابراھيم سان خدا جي ڪيل واعدي جو مدو پورو ٿيڻ تي آيو تہ مصر ۾ اسان جي ماڻھن جو تعداد وڌي گھڻو ٿي ويو.

رسولن جا ڪم 7