رسولن جا ڪم 5:9-11 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

9. پطرس کيس چيو تہ ”پوءِ ڇو تو ۽ تنھنجي مڙس گڏجي خداوند جي پاڪ روح کي آزمايو؟ ڏس، جن ماڻھن تنھنجي مڙس کي دفن ڪيو آھي، سي ھاڻي دروازي تي اچي پھتا آھن. اھي تو کي بہ ٻاھر کڻي ويندا.“

10. انھيءَ دم ھوءَ بہ سندس پيرن وٽ ڪري پيئي ۽ مري ويئي. جوان ماڻھو اندر آيا ۽ ھن کي مئل ڏسي کيس ٻاھر کڻي ويا ۽ سندس مڙس جي ڀرسان وڃي دفن ڪيائونس.

11. سڄي ڪليسيا جي ماڻھن ۽ ٻين، جن بہ اھو ٻڌو تن سڀني کي ڏاڍو ڊپ وٺي ويو.

رسولن جا ڪم 5