رسولن جا ڪم 5:4-15 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

4. جيئن ٻني وڪڻڻ کان اڳ تنھنجي ئي ملڪيت ھئي، تيئن اھا وڪڻڻ کان پوءِ ان جا پيسا بہ تنھنجا ئي ھئا. پوءِ تو ڇو دل ۾ اھڙو ڪم ڪرڻ جو خيال ڪيو؟ تو ماڻھن سان نہ پر خدا سان ڪوڙ ڳالھايو آھي.“

5. حنانياہ اھو ٻڌڻ شرط ھيٺ ڪري پيو ۽ مري ويو. جن بہ اھو ٻڌو تن سڀني کي ڏاڍو ڊپ وٺي ويو.

6. جوان ماڻھو اٿيا ۽ ھن جو لاش ڪفن ۾ ويڙھي ٻاھر کڻي ويا ۽ کيس دفن ڪيائون.

7. اٽڪل پھر کن کان پوءِ ھن جي زال اندر آئي، پر کيس ھن واقعي جي ڪابہ خبر ڪانہ ھئي.

8. پطرس ان کي چيو تہ ”مون کي ٻڌاءِ تہ ڇا سڀ پيسا اھي ئي ھئا جيڪي تو کي ۽ تنھنجي مڙس کي اوھان جي ملڪيت مان مليا؟“ تنھن تي ھن چيو تہ ”ھا، اھي ئي پيسا مليا.“

9. پطرس کيس چيو تہ ”پوءِ ڇو تو ۽ تنھنجي مڙس گڏجي خداوند جي پاڪ روح کي آزمايو؟ ڏس، جن ماڻھن تنھنجي مڙس کي دفن ڪيو آھي، سي ھاڻي دروازي تي اچي پھتا آھن. اھي تو کي بہ ٻاھر کڻي ويندا.“

10. انھيءَ دم ھوءَ بہ سندس پيرن وٽ ڪري پيئي ۽ مري ويئي. جوان ماڻھو اندر آيا ۽ ھن کي مئل ڏسي کيس ٻاھر کڻي ويا ۽ سندس مڙس جي ڀرسان وڃي دفن ڪيائونس.

11. سڄي ڪليسيا جي ماڻھن ۽ ٻين، جن بہ اھو ٻڌو تن سڀني کي ڏاڍو ڊپ وٺي ويو.

12. رسول شھر ۾ ڪيترائي معجزا ۽ ڪرامتون ڪندا ھئا ۽ ھو سڀني ايمان وارن سان ھيڪل اندر سليماني ورانڊي ۾ بہ اچي ملندا ھئا.

15. ايتري قدر جو ھو بيمارن کي آڻي گھٽين ۾ کٽولن ۽ تڏن تي رکندا ھئا تہ جڏھن پطرس اتان لنگھي تہ من سندس پاڇو ئي انھن مان ڪن تي پوي.

رسولن جا ڪم 5