رسولن جا ڪم 4:5-7 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

5. ٻئي ڏينھن صبح جو يھودين جا اڳواڻ، بزرگ ۽ شريعت جا عالم اچي يروشلم ۾ گڏ ٿيا.

6. وڏو سردار ڪاھن حنا ۽ ھن سان گڏ قائفا، يوحنا، سڪندر ۽ ٻيا جيڪي سردار ڪاھن جا مٽ مائٽ ھئا سي بہ اتي موجود ھئا.

7. انھن پطرس ۽ يوحنا کي پنھنجي اڳيان بيھاري پڇيو تہ ”ڪنھن جي قدرت سان يا ڪنھن جي نالي تي اوھان اھو ڪم ڪيو آھي؟“

رسولن جا ڪم 4