رسولن جا ڪم 4:34-37 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

34. سڄي ٽوليءَ ۾ اھڙو ڪوبہ ڪونہ ھو جنھن کي ڪنھن شيءِ جي محتاجي ھجي، ڇالاءِ⁠جو جن ماڻھن کي ٻنيون يا گھر ھئا سي اھي وڪڻي، پيسا آڻي

35. رسولن جي اڳيان رکندا ھئا، تہ ھو اھي پيسا ھر ھڪ کي گھرج آھر ڏين.

36. يوسف نالي ھڪ لاوي ھو جنھن جو وطن قبرص ھو، تنھن کي رسولن برنباس جو لقب ڏنو ھو، جنھن جي معنيٰ آھي ”ھمت⁠افزائي ڪندڙ.“

37. انھيءَ وٽ ھڪڙي ٻني ھئي، جا ھن وڪڻي ان جا پيسا آڻي رسولن جي اڳيان رکيا.

رسولن جا ڪم 4