رسولن جا ڪم 3:16-26 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

16. اھا عيسيٰ جي نالي جي قدرت ۽ مٿس ايمان ئي آھي جنھن ھن منڊي ماڻھوءَ کي گھمڻ جي طاقت ڏني، جنھن کي اوھين ڏسو ۽ سڃاڻو ٿا. اھو عيسيٰ جو نالو ۽ مٿس ايمان ئي آھي، جنھن ھن کي چڱو ڀلو ڪيو ۽ اوھين پاڻ ھن کي چڱيءَ طرح ڏسي سگھو ٿا.

17. اي ڀائرو ۽ ڀينرون! ھاڻي آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوھان ۽ اوھان جي اڳواڻن جيڪي ڪجھہ عيسيٰ سان ڪيو، سو اڻ⁠ڄاڻائيءَ جي ڪري ڪيو.

18. اھڙيءَ طرح خدا جيڪو اڳي سڀني نبين جي معرفت چيو ھو تہ ’سندس مسيح تڪليفون سھندو،‘ سو سچ ثابت ٿيو.

19. تنھنڪري توبھہ ڪريو ۽ خدا ڏانھن اچو تہ اوھان جا گناھہ ميٽجي وڃن،

20. تان تہ خداوند جي حضور مان تازگيءَ جا ڏينھن اچن ۽ ھو عيسيٰ کي موڪلي جيڪو اوھان لاءِ اڳي ئي مسيح مقرر ٿيل آھي.

21. ھو تيستائين ضرور آسمان ۾ رھندو، جيستائين سڀني ڳالھين جي وري نئين سر ٿيڻ جا ڏينھن اچن، جن بابت خدا پنھنجي پاڪ نبين جي معرفت گھڻو اڳي چيو ھو.

22. ڇاڪاڻ⁠تہ موسيٰ چيو ھو تہ ’خداوند اوھان جو خدا اوھان لاءِ اوھان مان مون جھڙو ھڪ نبي موڪليندو. اھو جيڪي ⁠بہ ڳالھيون اوھان کي ٻڌائي سي سڀ ٻڌجو.

23. جيڪو بہ انھيءَ نبيءَ جون ڳالھيون نہ ٻڌندو، سو سندس قوم کان ڌار ڪري برباد ڪيو ويندو.‘

24. سموئيل کان وٺي جيڪي ⁠بہ نبي آيا، تن مان جن جن بہ اڳڪٿي ڪئي تن سڀني ھنن ڏينھن جو ذڪر ڪيو آھي.

25. اوھين انھن نبين جا وارث ۽ انھيءَ عھد جا شريڪ آھيو جيڪو خدا اوھان جي ابن ڏاڏن سان ڪيو ھو، جيئن ھن ابراھيم کي چيو تہ ’تنھنجي اولاد جي وسيلي دنيا جي سڀني قومن کي برڪت ملندي.‘

26. انھيءَ ڪري خدا پنھنجي ٻانھي کي چونڊي پھريائين اوھان ڏانھن موڪليو تہ ھو اوھان کي اھا برڪت ڏئي جو اوھين سڀيئي بڇڙاين کان منھن موڙيو.“

رسولن جا ڪم 3