رسولن جا ڪم 3:16-24 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

16. اھا عيسيٰ جي نالي جي قدرت ۽ مٿس ايمان ئي آھي جنھن ھن منڊي ماڻھوءَ کي گھمڻ جي طاقت ڏني، جنھن کي اوھين ڏسو ۽ سڃاڻو ٿا. اھو عيسيٰ جو نالو ۽ مٿس ايمان ئي آھي، جنھن ھن کي چڱو ڀلو ڪيو ۽ اوھين پاڻ ھن کي چڱيءَ طرح ڏسي سگھو ٿا.

17. اي ڀائرو ۽ ڀينرون! ھاڻي آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوھان ۽ اوھان جي اڳواڻن جيڪي ڪجھہ عيسيٰ سان ڪيو، سو اڻ⁠ڄاڻائيءَ جي ڪري ڪيو.

18. اھڙيءَ طرح خدا جيڪو اڳي سڀني نبين جي معرفت چيو ھو تہ ’سندس مسيح تڪليفون سھندو،‘ سو سچ ثابت ٿيو.

19. تنھنڪري توبھہ ڪريو ۽ خدا ڏانھن اچو تہ اوھان جا گناھہ ميٽجي وڃن،

20. تان تہ خداوند جي حضور مان تازگيءَ جا ڏينھن اچن ۽ ھو عيسيٰ کي موڪلي جيڪو اوھان لاءِ اڳي ئي مسيح مقرر ٿيل آھي.

21. ھو تيستائين ضرور آسمان ۾ رھندو، جيستائين سڀني ڳالھين جي وري نئين سر ٿيڻ جا ڏينھن اچن، جن بابت خدا پنھنجي پاڪ نبين جي معرفت گھڻو اڳي چيو ھو.

22. ڇاڪاڻ⁠تہ موسيٰ چيو ھو تہ ’خداوند اوھان جو خدا اوھان لاءِ اوھان مان مون جھڙو ھڪ نبي موڪليندو. اھو جيڪي ⁠بہ ڳالھيون اوھان کي ٻڌائي سي سڀ ٻڌجو.

23. جيڪو بہ انھيءَ نبيءَ جون ڳالھيون نہ ٻڌندو، سو سندس قوم کان ڌار ڪري برباد ڪيو ويندو.‘

24. سموئيل کان وٺي جيڪي ⁠بہ نبي آيا، تن مان جن جن بہ اڳڪٿي ڪئي تن سڀني ھنن ڏينھن جو ذڪر ڪيو آھي.

رسولن جا ڪم 3