رسولن جا ڪم 27:43-44 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

43. پر صوبيدار جي دل گھريو ٿي تہ ڪنھن طرح پولس کي بچائي، تنھنڪري ھنن کي انھيءَ ارادي کان روڪيائين ۽ حڪم ڏنائين تہ ”جيڪي ماڻھو تري سگھن ٿا سي پھريائين جھاز مان ٽپو ڏيئي سمنڊ ۾ پون ۽ ڪناري تي وڃي پھچن،

44. ۽ باقي ڪي تختن تي، ڪي جھاز جي ترندڙ شين تي نڪري وڃن.“ نيٺ ٿيو بہ ائين جو سڀيئي صحيح سلامت وڃي سڪيءَ تي پھتا.

رسولن جا ڪم 27