رسولن جا ڪم 27:34-37 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

34. آءٌ اوھان کي عرض ٿو ڪريان تہ مھرباني ڪري ڪجھہ کائو، تہ جيئن اوھان جي جان بچي. ھاڻ اوھان جو وار بہ ونگو نہ ٿيندو.“

35. جڏھن اھو چئي چڪو تہ ماني کڻي سڀني جي اڳيان خدا جو شڪر ڪندي گرھہ ڀڃي کاڌائين.

36. پوءِ ٻين کي بہ دلجاءِ ٿي ۽ ماني کاڌائون.

37. جھاز تي اسين مڙيئي ٻہ سو ڇاھتر ماڻھو سوار ھئاسين.

رسولن جا ڪم 27