رسولن جا ڪم 26:22-32 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

22. پر اڄ تائين خدا جي مدد مون ساڻ آھي، سو آءٌ پنھنجيءَ ڳالھہ تي قائم آھيان ۽ ھر غريب توڙي امير جي اڳيان ھڪ جھڙي شاھدي ٿو ڏيان. آءٌ رڳو اھي ڳالھيون ٿو ٻڌايان، جن بابت موسيٰ ۽ ٻيا نبي چئي ويا آھن تہ اھي ضرور ٿينديون.

23. اھي ھي تہ مسيح ڏک سھندو ۽ اھو ئي پھريائين مئلن مان جيئرو ٿي اٿندو، تہ جيئن يھودين ۽ غير قومن کي روشنيءَ جي خبر ٻڌائي.“

24. جيئن ئي پولس ھن نموني پنھنجو بچاءُ ڪري رھيو ھو تہ فيستس وڏي واڪي چيس تہ ”پولس تون ديوانو ٿي پيو آھين. تنھنجي گھڻي علم تو کي چريو ڪري ڇڏيو آھي.“

25. تنھن تي پولس وراڻيو تہ ”سائين! آءٌ چريو نہ آھيان، پر سچ ۽ عقل جون ڳالھيون ٿو ڪريان.

26. بادشاھہ جنھن سان آءٌ بي⁠ڌڙڪ ٿي ڳالھايان ٿو، تنھن کي بہ انھن ڳالھين جي پوري ڄاڻ آھي، بلڪ پڪ اٿم تہ انھن مان ڪابہ ڳالھہ کانئس ڳجھي نہ آھي، ڇالاءِ⁠جو اھا ڳالھہ ڪنھن ڪنڊ پاسي ۾ نہ ٿي آھي.

27. اي اگرپا بادشاھہ! ڇا اوھين نبين کي مڃو ٿا؟ ھائو، آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوھين مڃيندا آھيو.“

28. تنھن تي اگرپا پولس کي چيو تہ ”تون ٿوري وقت ۾ مون کي مسيحي بڻائيندين ڇا؟“

29. پولس وراڻيو تہ ”ٿوري يا گھڻي وقت ۾، پر منھنجي تہ خدا جي در اھا دعا آھي تہ شل اوھين ۽ ھي ٻيا جيڪي منھنجي ٻڌي رھيا آھن، سي مون جھڙا ٿين سواءِ ھنن زنجيرن جي.“

30. پوءِ بادشاھہ اٿي کڙو ٿيو. گورنر، برنيڪي ۽ ٻيا جيڪي ساڻس گڏ ويٺا ھئا، سي سڀ بہ اٿي کڙا ٿيا،

31. ۽ ٻاھر نڪرندي ھڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”ھن ماڻھوءَ تہ اھڙو ڪوبہ ڏوھہ نہ ڪيو آھي جو کيس موت يا جيل جي سزا ڏني وڃي.“

32. پوءِ اگرپا فيستس کي چيو تہ ”ھي ماڻھو جيڪڏھن قيصر کي اپيل نہ ڪري ھا تہ جيڪر ڇٽي وڃي ھا.“

رسولن جا ڪم 26