1. اگرپا پولس کي چيو تہ ”اوھان کي اجازت آھي تہ اوھين پنھنجي پاران ڪجھہ چئو.“ پولس ھٿ ھلائي پنھنجي بچاءَ ۾ ھي بيان ڏنو تہ
2. ”اي بادشاھہ اگرپا! آءٌ پاڻ کي خوشنصيب ٿو سمجھان جو اڄ اوھان جي اڳيان انھن ڳالھين جي بچاءَ ۾ بيان ڏيڻو اٿم جن جي يھودين مون تي تھمت ھنئي آھي،
3. ڇالاءِجو اوھين تہ يھودين جي سڀني ريتن رسمن کان چڱيءَ طرح واقف آھيو. سو منھنجو اوھان کي خاص عرض آھي تہ مھرباني ڪري منھنجو بيان صبر سان ٻڌو.
4. سڀيئي يھودي ڄاڻين ٿا تہ ننڍپڻ کان وٺي مون پنھنجي حياتي پنھنجي ملڪ ۽ يروشلم شھر ۾ ڪيئن گذاري آھي.