5. اوھان مان جيڪي معتبر آھن، سي مون سان گڏجي ھلن ۽ جيڪڏھن انھيءَ ماڻھوءَ ڪو ڏوھہ ڪيو ھوندو تہ پوءِ ڀلي مٿس الزام ھڻن.“
6. فيستس اٺ ڏھہ ڏينھن کن اتي گذاريا ۽ پوءِ قيصريہ ڏانھن ھليو ويو. ٻئي ڏينھن تي جج جي ڪرسيءَ تي ويھي حڪم ڏنائين تہ ”پولس کي اندر آڻيو.“
7. جڏھن پولس پھتو تڏھن يھودي جيڪي يروشلم کان آيا ھئا، سي چوگرد ڦري آيس ۽ مٿس ڏاڍيون سخت تھمتون ھنيائون، پر انھن جي ثابتي نہ ڏيئي سگھيا.
8. پولس پنھنجي بچاءَ ۾ چيو تہ ”مون يھودين جي شريعت جو، ھيڪل جو يا قيصر جو ڪوبہ ڏوھہ ڪونہ ڪيو آھي.“
9. فيستس يھودين کي راضي ڪرڻ لاءِ پولس کان پڇيو تہ ”ڇا تون يروشلم ڏانھن ھلندين تہ جيئن اتي منھنجي اڳيان ھنن ڳالھين جو فيصلو ٿئي؟“
10. پولس وراڻيو تہ ”آءٌ قيصر جي ڪورٽ اڳيان بيٺو آھيان، تنھنڪري منھنجو فيصلو بہ ھتي ٿيڻ گھرجي. اوھين چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا تہ مون يھودين جو ڪوبہ ڏوھہ ڪونہ ڪيو آھي.
11. جيڪڏھن آءٌ ڏوھدار آھيان ۽ موت جي سزا جوڳو ڪم ڪيو اٿم تہ مون کي مرڻ کان انڪار ڪونہ آھي. پر جن ڳالھين جي اھي مون تي تھمت ھڻن ٿا، سي سچيون ڪين آھن. پوءِ ڪنھن بہ ماڻھوءَ کي اھو حق نہ آھي تہ ھو مون کي انھن جي حوالي ڪري. تنھنڪري آءٌ قيصر وٽ اپيل ٿو ڪريان.“
12. تنھن تي فيستس پنھنجن صلاحڪارن سان صلاح مصلحت ڪري وراڻيو تہ ”تو قيصر وٽ اپيل ڪئي آھي، تنھنڪري تو کي قيصر وٽ وڃڻو پوندو.“
13. ڪن ڏينھن کان پوءِ اگرپا بادشاھہ ۽ سندس ڀيڻ برنيڪي قيصريہ ۾ فيستس سان ملاقات ڪرڻ لاءِ آيا.
14. ھو ڪيترائي ڏينھن اتي ٽڪيا پيا ھئا، سو فيستس پولس جي ڪيس جو احوال بادشاھہ کي ٻڌائيندي چيو تہ ”ھڪڙو شخص آھي، جنھن کي فِيلِڪس جيل ۾ ڇڏي ھليو ويو آھي.
15. جڏھن آءٌ يروشلم ۾ ھوس تڏھن انھيءَ ماڻھوءَ جي خلاف سردار ڪاھن ۽ يھودين جي بزرگن مون کي دانھن ڏني ھئي ۽ عرض ڪيو ھئائون تہ آءٌ کيس سزا ڏيان.
16. پر مون کين جواب ڏنو تہ جيستائين جوابدار فريادين جي روبرو نہ ٿئي ۽ جيڪو الزام ھو مٿس ھڻن ٿا تنھن جي بچاءَ ۾ بيان ڏيڻ جو موقعو نہ مليس، تيستائين کيس سزا ڏيڻ رومين جي دستور ۾ نہ آھي.
17. سو جڏھن ھو ھتي اچي گڏ ٿيا تڏھن مون دير ڪانہ ڪئي، بلڪ ٻئي ڏينھن تي ڪورٽ ۾ جج جي ڪرسيءَ تي ويھي مون حڪم ڏنو تہ ’انھيءَ ماڻھوءَ کي وٺي اچو.‘