9. پوءِ يھودي بہ ھن الزام ھڻڻ ۾ وڪيل سان شامل ٿي ويا ۽ چيائون تہ ”اھي ڳالھيون برابر ائين ئي آھن.“
10. پوءِ گورنر پولس ڏانھن پنھنجو بيان ڏيڻ لاءِ اشارو ڪيو. تڏھن پولس وراڻيو تہ ”سائين! مون کي خبر آھي تہ اوھين گھڻن ئي سالن کان وٺي ھن قوم جو انصاف ڪندا ٿا اچو، تنھنڪري آءٌ خوشيءَ سان اوھان جي اڳيان پنھنجي بچاءَ لاءِ بيان ڏيان ٿو.
11. اوھين معلوم ڪري سگھو ٿا تہ ٻارھن ڏينھن بہ مس گذريا ھوندا جو آءٌ يروشلم ۾ عبادت ڪرڻ لاءِ ويو ھوس.
12. ھنن مون کي نہ ھيڪل ۾ ڪنھن سان بحث ڪندي ڏٺو آھي ۽ نڪي پنھنجن عبادتخانن ۽ شھر ۾ فساد مچائيندي ڏٺو اٿن.
13. ھو وري جن ڳالھين جي مون تي تھمت ٿا ھڻن، تن جي ڪا ثابتي بہ ڏيئي نہ ٿا سگھن.