رسولن جا ڪم 23:31-34 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

31. پوءِ جيئن سپاھين کي حڪم ڏنو ويو، تيئن ئي اھي پولس کي راتوواھہ انتپطرس ۾ وٺي آيا.

32. ٻئي ڏينھن تي پيادا سپاھي قلعي ڏانھن موٽي ويا ۽ گھوڙيسوارن کي اتي ڇڏيائون تہ ھو ساڻس گڏجي وڃن.

33. انھن قيصريہ ۾ پھچي گورنر کي خط ڏنو ۽ پولس کي بہ سندس حوالي ڪيائون.

34. گورنر خط پڙھيو ۽ پولس کان پڇيائين تہ ”تون ڪھڙي علائقي جو رھاڪو آھين؟“ جڏھن کيس خبر پيئي تہ ھو ڪلڪيا جو رھاڪو آھي،

رسولن جا ڪم 23