رسولن جا ڪم 21:29-38 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

29. ھنن اھو انھيءَ ڪري چيو جو اِفسس جي ھڪ شخص تروفيمس کي شھر ۾ پولس سان گڏ ڏٺو ھئائون ۽ سمجھيو ھئائون تہ پولس کيس ھيڪل ۾ وٺي آيو آھي.

30. سو سڄي شھر ۾ گوڙ مچي ويو. ماڻھو ڊوڙي اچي گڏ ٿيندا ويا ۽ پولس کي پڪڙي ھيڪل مان گھلي ٻاھر ڪڍيائونس ۽ پوءِ ھڪدم در بند ٿي ويا.

31. ھو پولس کي مارڻ جي ڪوشش ڪري رھيا ھئا تہ ايتري ۾ پلٽڻ جي ڪپتان کي خبر پئجي ويئي تہ سڄي يروشلم ۾ ھنگامو ٿي پيو آھي.

32. سو جلد ئي ڪپتان ڪجھہ آفيسر ۽ سپاھي ساڻ ڪري گوڙ ڏانھن ڪاھي پيو. جڏھن ماڻھن کيس سپاھين سميت ايندي ڏٺو، تڏھن پولس کي ڌڪن ھڻڻ کان بس ڪيائون.

33. پوءِ ڪپتان ويجھو اچي پولس کي گرفتار ڪيو ۽ حڪم ڏنائين تہ ”کيس ٻن ھٿڪڙين سان ٻڌو وڃي.“ پوءِ ماڻھن کان پڇا ڪرڻ لڳو تہ ”ھي شخص ڪير آھي ۽ ڪھڙو ڏوھہ ڪيو اٿس؟“

34. انھيءَ وقت سڄي ميڙ ۾ رڙيون ھيون، ڪن واڪو ڪري ھڪ ڳالھہ پئي ڪئي تہ ڪن وري ٻي ڳالھہ. ايترو تہ گوڙ ھو جو حقيقت جي خبر ئي ڪانہ ٿي پيئي، تنھنڪري ھن حڪم ڏنو تہ کيس قلعي ۾ بند ڪيو وڃي.

35. جڏھن پولس ڏاڪڻ وٽ پھتو تہ ماڻھن جي ايتري تہ ڌڪ⁠ڌڪان ھئي جو سپاھين کي پولس کڻي وڃڻو پيو.

36. جڏھن تہ ماڻھن جو ميڙ پٺيان واڪا ڪندو پئي آيو تہ ”ماري ڇڏيوس، ماري ڇڏيوس.“

37. جڏھن ھو کيس قلعي ۾ بند ڪرڻ وارا ھئا تہ پولس ڪپتان کان پڇيو تہ ”ڇا آءٌ ڪجھہ چئي سگھان ٿو؟“ تنھن تي ھن چيس تہ ”تو کي يوناني ٻولي اچي ٿي ڇا؟

38. تون اھو مصري نہ آھين ڇا جيڪو ڪي ڏينھن اڳ بغاوت ڪري چار ھزار ھٿياربند وٺي جھنگ ڏانھن ھليو ويو ھئين؟“

رسولن جا ڪم 21