رسولن جا ڪم 21:26-40 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

26. ٻئي ڏينھن تي پولس انھن چئن ماڻھن کي ساڻ وٺي ويو ۽ انھن سان گڏ پاڪ ٿي ھيڪل ۾ آيو ۽ اچي ٻڌايائين تہ ھو پاڪ ٿيڻ جا ھيترا ڏينھن پورا ڪندا. انھيءَ کان پوءِ انھن مان ھر ھڪ لاءِ قرباني پيش ڪئي ويندي.

27. پر جڏھن اھي ست ڏينھن پورا ٿيڻ تي ھئا، تڏھن ايشيا پرڳڻي جي ڪن يھودين پولس کي ھيڪل ۾ ڏٺو. سو ھنن سڄي خلق کي ڀڙڪائي اچي کيس پڪڙيو.

28. انھن واڪا ڪري ٿي چيو تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! مدد ڪريو. ھي اھو ماڻھو آھي جيڪو جتي ڪٿي وڃي سڀني ماڻھن کي اسان جي قوم، شريعت ۽ ھن ھيڪل جي خلاف ڀڙڪائي ٿو. ھن ھاڻي ڪن غير قوم وارن کي بہ ھيڪل ۾ آڻي ھن مقدس جاءِ جي بي⁠حرمتي ڪئي آھي.“

29. ھنن اھو انھيءَ ڪري چيو جو اِفسس جي ھڪ شخص تروفيمس کي شھر ۾ پولس سان گڏ ڏٺو ھئائون ۽ سمجھيو ھئائون تہ پولس کيس ھيڪل ۾ وٺي آيو آھي.

30. سو سڄي شھر ۾ گوڙ مچي ويو. ماڻھو ڊوڙي اچي گڏ ٿيندا ويا ۽ پولس کي پڪڙي ھيڪل مان گھلي ٻاھر ڪڍيائونس ۽ پوءِ ھڪدم در بند ٿي ويا.

31. ھو پولس کي مارڻ جي ڪوشش ڪري رھيا ھئا تہ ايتري ۾ پلٽڻ جي ڪپتان کي خبر پئجي ويئي تہ سڄي يروشلم ۾ ھنگامو ٿي پيو آھي.

32. سو جلد ئي ڪپتان ڪجھہ آفيسر ۽ سپاھي ساڻ ڪري گوڙ ڏانھن ڪاھي پيو. جڏھن ماڻھن کيس سپاھين سميت ايندي ڏٺو، تڏھن پولس کي ڌڪن ھڻڻ کان بس ڪيائون.

33. پوءِ ڪپتان ويجھو اچي پولس کي گرفتار ڪيو ۽ حڪم ڏنائين تہ ”کيس ٻن ھٿڪڙين سان ٻڌو وڃي.“ پوءِ ماڻھن کان پڇا ڪرڻ لڳو تہ ”ھي شخص ڪير آھي ۽ ڪھڙو ڏوھہ ڪيو اٿس؟“

34. انھيءَ وقت سڄي ميڙ ۾ رڙيون ھيون، ڪن واڪو ڪري ھڪ ڳالھہ پئي ڪئي تہ ڪن وري ٻي ڳالھہ. ايترو تہ گوڙ ھو جو حقيقت جي خبر ئي ڪانہ ٿي پيئي، تنھنڪري ھن حڪم ڏنو تہ کيس قلعي ۾ بند ڪيو وڃي.

35. جڏھن پولس ڏاڪڻ وٽ پھتو تہ ماڻھن جي ايتري تہ ڌڪ⁠ڌڪان ھئي جو سپاھين کي پولس کڻي وڃڻو پيو.

36. جڏھن تہ ماڻھن جو ميڙ پٺيان واڪا ڪندو پئي آيو تہ ”ماري ڇڏيوس، ماري ڇڏيوس.“

37. جڏھن ھو کيس قلعي ۾ بند ڪرڻ وارا ھئا تہ پولس ڪپتان کان پڇيو تہ ”ڇا آءٌ ڪجھہ چئي سگھان ٿو؟“ تنھن تي ھن چيس تہ ”تو کي يوناني ٻولي اچي ٿي ڇا؟

38. تون اھو مصري نہ آھين ڇا جيڪو ڪي ڏينھن اڳ بغاوت ڪري چار ھزار ھٿياربند وٺي جھنگ ڏانھن ھليو ويو ھئين؟“

39. پولس جواب ۾ چيس تہ ”آءٌ يھودي آھيان، ترسس جو ويٺل آھيان، جيڪو ڪلڪيا جي علائقي جو ھڪڙو مشھور شھر آھي. منھنجو عرض آھي تہ مھرباني ڪري مون کي اجازت ڏيو تہ آءٌ ماڻھن سان ڳالھايان.“

40. جڏھن ڪپتان اجازت ڏنس تڏھن پولس ڏاڪڻ تي بيھي ھٿ جي اشاري سان ماڻھن کي خاموش ٿيڻ لاءِ چيو. جڏھن ماٺ ٿي ويئي تڏھن عبراني ٻوليءَ ۾ ھيئن چوڻ شروع ڪيائين تہ

رسولن جا ڪم 21