رسولن جا ڪم 20:8-10 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

8. جنھن ماڙيءَ تي اسان جي گڏجاڻي ھئي اتي ڪيترائي شمعدان پئي ٻريا.

9. يوتخس نالي ھڪڙو نوجوان دريءَ ۾ ويٺو ھو، سو جيئن پولس ڳالھائيندو رھيو تيئن ان کي ننڊ وٺندي ويئي، تان جو کيس گھري ننڊ وٺي ويئي ۽ ھو ٽِماڙ تان ھيٺ ڪري پيو. جان اچي کيس کڻن تہ ھو مري چڪو ھو.

10. تڏھن پولس ماڙيءَ تان ھيٺ لھندي ئي جھڪي کيس ڀاڪر ۾ ورتو ۽ پوءِ چوڻ لڳو تہ ”فڪر نہ ڪريو، ھي جيئرو آھي.“

رسولن جا ڪم 20