رسولن جا ڪم 2:9-15 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

9. جيتوڻيڪ اسين پارٿي، مادئي، عيلامي، مسوپتاميہ، يھوديہ، ڪپدڪيا، پنطس، ايشيا،

10. فروگيا، پمفوليا، مصر ۽ لبيا ۾ ڪريني شھر جي آس⁠پاس رھندڙ آھيون. ان کان سواءِ رومي مسافر

11. جيڪي ڄائي ڄم جا يھودي توڙي نوان يھودي ٿيل آھن ۽ اسان مان ڪي ڪريتي ۽ عرب آھن تہ بہ اسين انھن کي پنھنجين پنھنجين ٻولين ۾ خدا جي وڏن وڏن ڪمن جو بيان ڪندي ٿا ٻڌون.“

12. سڀيئي حيران ٿي ويا ۽ مونجھڪاري وچان ھڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”ھن جو مطلب ڇا آھي؟“

13. پر ٻيا وري انھن تي ٺٺوليون ڪري چون پيا تہ ”ھي سڀ نشي ۾ آھن.“

14. پوءِ پطرس ٻين يارھن رسولن سان گڏ اٿي بيٺو ۽ وڏي آواز ۾ ماڻھن سان ڳالھائيندي چيائين تہ ”اي يھودي دوستو ۽ ٻيا سڀيئي يروشلم جا رھاڪو! جيڪي آءٌ چوان ٿو سو ڪن ڏيئي ٻڌو.

15. ھي ماڻھو نشي ۾ نہ آھن جيئن اوھين سمجھو ٿا، ڇوتہ ڏينھن جو اڃا پھريون پھر مس پورو ٿيو آھي.

رسولن جا ڪم 2