رسولن جا ڪم 2:28-45 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

28. تو مون کي زندگيءَ جون واٽون ڏيکاريون،۽ تون مون کي پنھنجو ديدار ڪرائيخوشيءَ سان ٽمٽار ڪندين.‘

29. اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوھان کي بابي دائود بابت کليو کلايو ٻڌايان ٿو تہ ھو مري ويو ۽ دفن ڪيو ويو ۽ سندس قبر اسان وٽ اڄ تائين موجود آھي.

30. ھو نبي ھو ۽ ڄاتائين ٿي تہ خدا ھن سان انھيءَ ڳالھہ جو قسم کڻي واعدو ڪيو ھو تہ ’آءٌ تنھنجي اولاد مان ھڪڙي کي تخت تي ويھاريندس.‘

31. دائود اڳي ئي ڄاتو پئي تہ خدا ڇا ڪندو، تنھنڪري ھن مسيح جي وري جيئري ٿيڻ بابت پيشنگوئي ڪندي ھيئن چيو تہ’نڪي ھو عالم ارواح ۾ ڇڏيو ويندو،نڪي سندس جسم ڳري سڙي ويندو.‘

32. انھيءَ ئي عيسيٰ کي خدا جياريو ۽ اسين سڀ ان ڳالھہ جا شاھد آھيون.

33. ھو خدا جي ساڄي پاسي ڏانھن سربلند ڪيو ويو آھي ۽ سندس پيءُ جي ڪيل واعدي موجب کيس پاڪ روح مليو آھي. ھن خدا جي اھا بخشش ھينئر اسان تي نازل ڪئي آھي، جنھن جو اثر اوھين ھاڻي ڏسو ۽ ٻڌو ٿا.

34. ڇالاءِ⁠جو دائود پاڻ آسمان ڏانھن کڄي نہ ويو پر ھن چيو تہ’خداوند منھنجي خداوند کي چيو تہ”تون منھنجي ساڄي پاسي ويھہ،

35. جيستائين آءٌ تنھنجي دشمنن کيتنھنجي پيرن جي صندلي نہ ڪريان.“‘

36. اي بني اسرائيل قوم! پڪ ڄاڻو تہ خدا انھيءَ عيسيٰ کي، جنھن کي اوھان صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھنيا، خداوند بہ ڪيو آھي ۽ مسيح بہ.“

37. جڏھن ماڻھن اھو ٻڌو تہ اھا ڳالھہ سندن دلين ۾ چڀي ويئي ۽ پطرس ۽ ٻين رسولن کي چيائون تہ ”ڀائرؤ! اسين ھاڻي ڇا ڪريون؟“

38. تنھن تي پطرس کين چيو تہ ”اوھين سڀ توبھہ ڪريو ۽ عيسيٰ مسيح جي نالي تي بپتسما وٺو، تہ جيئن اوھان جا گناھہ بخشيا وڃن ۽ اوھان کي خدا جي بخشش يعني پاڪ روح ملي.

39. ڇالاءِ⁠جو خدا جو واعدو اوھان جي لاءِ، اوھان جي ٻارن جي لاءِ ۽ انھن سڀني جي لاءِ بہ آھي جيڪي پري آھن ۽ جن کي خداوند، اسان جو خدا پاڻ ڏانھن سڏيندو.“

40. پطرس انھن کي ٻيون بہ گھڻيون ئي ڳالھيون ٻڌايون ۽ کين خبردار ڪيائين تہ ”پاڻ کي ھن بڇڙي زماني کان بچايو.“

41. انھن مان ڪيترن ئي ھن جي پيغام کي قبول ڪيو ۽ بپتسما ورتائون. انھيءَ ڏينھن اٽڪل ٽي ھزار ماڻھو ھنن جي ٽولي ۾ شامل ٿي ويا.

42. انھن پنھنجو وقت رسولن کان سکڻ، ھڪ ٻئي جي صحبت ۾ رھڻ، گڏجي ماني کائڻ ۽ دعا گھرڻ ۾ گذاريو.

43. رسولن ڪيترائي معجزا ۽ عجب جھڙا ڪم ڪيا، سو انھيءَ ڪري ھر ھڪ کي خدا جو خوف وڪوڙي ويو.

44. جن ايمان آندو سي سڀ گڏ گذارڻ لڳا ۽ ھڪٻئي جي شين ۾ ڀائيوار ٿي رھندا ھئا.

45. اھي پنھنجو مال ملڪيت وڪڻي پيسا پاڻ ۾ ورھائيندا ھئا ۽ ھر ھڪ کي پنھنجي گھرج آھر ملندو ھو.

رسولن جا ڪم 2