27. ڇالاءِجو تون منھنجي روح کيعالم ارواح ۾ ڇڏي نہ ڏيندين،نڪي پنھنجي پاڪ ٻانھي کي ڳرڻ سڙڻ ڏيندين.
28. تو مون کي زندگيءَ جون واٽون ڏيکاريون،۽ تون مون کي پنھنجو ديدار ڪرائيخوشيءَ سان ٽمٽار ڪندين.‘
29. اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوھان کي بابي دائود بابت کليو کلايو ٻڌايان ٿو تہ ھو مري ويو ۽ دفن ڪيو ويو ۽ سندس قبر اسان وٽ اڄ تائين موجود آھي.
30. ھو نبي ھو ۽ ڄاتائين ٿي تہ خدا ھن سان انھيءَ ڳالھہ جو قسم کڻي واعدو ڪيو ھو تہ ’آءٌ تنھنجي اولاد مان ھڪڙي کي تخت تي ويھاريندس.‘
31. دائود اڳي ئي ڄاتو پئي تہ خدا ڇا ڪندو، تنھنڪري ھن مسيح جي وري جيئري ٿيڻ بابت پيشنگوئي ڪندي ھيئن چيو تہ’نڪي ھو عالم ارواح ۾ ڇڏيو ويندو،نڪي سندس جسم ڳري سڙي ويندو.‘
32. انھيءَ ئي عيسيٰ کي خدا جياريو ۽ اسين سڀ ان ڳالھہ جا شاھد آھيون.
33. ھو خدا جي ساڄي پاسي ڏانھن سربلند ڪيو ويو آھي ۽ سندس پيءُ جي ڪيل واعدي موجب کيس پاڪ روح مليو آھي. ھن خدا جي اھا بخشش ھينئر اسان تي نازل ڪئي آھي، جنھن جو اثر اوھين ھاڻي ڏسو ۽ ٻڌو ٿا.
34. ڇالاءِجو دائود پاڻ آسمان ڏانھن کڄي نہ ويو پر ھن چيو تہ’خداوند منھنجي خداوند کي چيو تہ”تون منھنجي ساڄي پاسي ويھہ،
35. جيستائين آءٌ تنھنجي دشمنن کيتنھنجي پيرن جي صندلي نہ ڪريان.“‘
36. اي بني اسرائيل قوم! پڪ ڄاڻو تہ خدا انھيءَ عيسيٰ کي، جنھن کي اوھان صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھنيا، خداوند بہ ڪيو آھي ۽ مسيح بہ.“
37. جڏھن ماڻھن اھو ٻڌو تہ اھا ڳالھہ سندن دلين ۾ چڀي ويئي ۽ پطرس ۽ ٻين رسولن کي چيائون تہ ”ڀائرؤ! اسين ھاڻي ڇا ڪريون؟“
38. تنھن تي پطرس کين چيو تہ ”اوھين سڀ توبھہ ڪريو ۽ عيسيٰ مسيح جي نالي تي بپتسما وٺو، تہ جيئن اوھان جا گناھہ بخشيا وڃن ۽ اوھان کي خدا جي بخشش يعني پاڪ روح ملي.
39. ڇالاءِجو خدا جو واعدو اوھان جي لاءِ، اوھان جي ٻارن جي لاءِ ۽ انھن سڀني جي لاءِ بہ آھي جيڪي پري آھن ۽ جن کي خداوند، اسان جو خدا پاڻ ڏانھن سڏيندو.“