12. سڀيئي حيران ٿي ويا ۽ مونجھڪاري وچان ھڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”ھن جو مطلب ڇا آھي؟“
13. پر ٻيا وري انھن تي ٺٺوليون ڪري چون پيا تہ ”ھي سڀ نشي ۾ آھن.“
14. پوءِ پطرس ٻين يارھن رسولن سان گڏ اٿي بيٺو ۽ وڏي آواز ۾ ماڻھن سان ڳالھائيندي چيائين تہ ”اي يھودي دوستو ۽ ٻيا سڀيئي يروشلم جا رھاڪو! جيڪي آءٌ چوان ٿو سو ڪن ڏيئي ٻڌو.
15. ھي ماڻھو نشي ۾ نہ آھن جيئن اوھين سمجھو ٿا، ڇوتہ ڏينھن جو اڃا پھريون پھر مس پورو ٿيو آھي.
16. پر ھيءَ اھا ڳالھہ آھي جيڪا يوايل نبيءَ جي معرفت چئي ويئي آھي تہ
17. خدا فرمائي ٿو تہ’پوين ڏينھن ۾ ھيئن ٿيندو جوآءٌ پنھنجو روح سڀني ماڻھن تي نازل ڪندس.اوھان جا پٽ ۽ ڌيئرون اڳڪٿيون ڪنديون،اوھان جا جوان رويا ڏسندا۽ اوھان جا پوڙھا خواب ڏسندا.
18. بلڪ انھن ڏينھن ۾آءٌ پنھنجن ٻانھن ۽ ٻانھين تيپنھنجو روح نازل ڪندس۽ اھي بہ اڳڪٿيون ڪندا.
19. آءٌ مٿي آسمان ۾ عجب جھڙا ڪم۽ ھيٺ زمين تي معجزا ڏيکاريندس،جھڙوڪ: رت، باھہ ۽ دونھين جو غبار.
20. خدا جي عظيم ۽ جلويدار ڏينھن جي اچڻ کان اڳ ۾سج ڪاراٽجي ويندو۽ چنڊ رت جھڙو ڳاڙھو ٿي پوندو.
21. پوءِ جيڪو بہ خدا جو نالو وٺندو،تنھن کي ئي ڇوٽڪارو ملندو.‘
22. اي بني اسرائيل وارؤ! ھي ڌيان سان ٻڌو تہ عيسيٰ ناصري اھو ماڻھو ھو جنھن کي خدا اوھان لاءِ مقرر ڪيو ۽ اوھان ھن کي معجزا، نشانيون ۽ عجب جھڙا ڪم ڪندي ڏٺو، جيڪي خدا ھن جي ھٿان ڪرايا. توھين اھو چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا.
23. خدا جي اڳي ئي ڪيل فيصلي ۽ علم موجب عيسيٰ کي اوھان جي حوالي ڪيو ويو، تہ جيئن اوھان ھن کي گنھگار ماڻھن جي ھٿان صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻائي مارايو.
24. پر خدا ھن کي مئلن مان وري جيئرو ڪيو ۽ کيس موت جي ڏکن کان آزاد ڪيو، ڇاڪاڻتہ اھو ناممڪن ھو جو موت کيس قيد ڪري.
25. ڇوتہ دائود ھن بابت چيو آھي تہ’مون خداوند کي ھر وقت پنھنجي اڳيان ڏٺو،ڇالاءِجو ھو منھنجي ساڄي پاسي آھي،انھيءَ لاءِ تہ جيئن آءٌ نہ گھٻرايان.
26. تنھنڪري منھنجي دل خوش آھي۽ منھنجي زبان خوشيءَ سان ڳالھائي ٿي.بلڪ منھنجو جسم بہ اميد ۾ رھندو.