رسولن جا ڪم 2:1-5 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. جڏھن عيد پنتيڪُست جو ڏينھن آيو تڏھن سڀيئي ايمان وارا اچي ھڪڙي ھنڌ گڏ ٿيا.

2. اوچتو ئي آسمان مان ھڪ آواز آيو ۽ اھو آواز تيز ھوا جي گھوگھٽ جھڙو ھو، جنھن سان اھا سڄي جاءِ جنھن ۾ ھو ويٺا ھئا ڀرجي ويئي.

3. انھن کي باھہ جھڙيون ڄڀون نظر آيون جيڪي ڌار ڌار ٿي ھر ھڪ تي اچي ويٺيون.

4. اھي سڀيئي پاڪ روح سان ڀرجي ويا ۽ انھيءَ جي قدرت سان ڌاريون ٻوليون ڳالھائڻ لڳا.

5. دنيا جي ھر ھڪ ملڪ مان ديندار يھودي يروشلم ۾ ٽڪيل ھئا.

رسولن جا ڪم 2