رسولن جا ڪم 18:12-23 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

12. پر جڏھن يونان جي پرڳڻي اخيا جو گورنر گليو ھو، تڏھن يھودين پاڻ ۾ گڏجي پولس تي حملو ڪيو ۽ کيس پڪڙي ڪورٽ ۾ وٺي آيا.

13. اھي چوڻ لڳا تہ ”ھي اھو شخص آھي جيڪو ماڻھن کي اھڙي نموني عبادت ڪرڻ ٿو سيکاري، جيڪا قانون جي خلاف آھي.“

14. پولس ڳالھائڻ تي ھو، پر گورنر گليوءَ يھودين کي چيو تہ ”اي يھودي قوم! جيڪڏھن اھا ڪا ظلم زبردستيءَ جي يا ڪا وڏي بڇڙي ڳالھہ ھجي ھا تہ پوءِ واجبي ھو تہ آءٌ صبر سان اوھان جي ڳالھہ ٻڌان ھا.

15. پر جڏھن تہ ھي اھڙا سوال آھن جن جو واسطو لفظن، نالن ۽ خاص اوھان جي شريعت سان آھي تہ پوءِ توھين ڄاڻو، توھان جو ڪم ڄاڻي. آءٌ اھڙين ڳالھين جو فيصلو ڪرڻ نہ ٿو چاھيان.“

16. سو ھن کين ڪورٽ مان ڌڪاري ڪڍي ڇڏيو.

17. پوءِ انھن سڀني گڏجي عبادت⁠گاھہ جي اڳواڻ سوسٿنيس کي پڪڙي کيس ڪورٽ جي اڳيان مار ڪُٽ ڪئي. پر گليوءَ کي انھن ڳالھين جي ڪابہ پرواھہ ڪانہ ھئي.

18. پولس ڪرنٿس ۾ ڪيترا ئي ڏينھن رھيو. پوءِ ڀائرن کان موڪلائي سامونڊي جھاز ۾ چڙھي پرسڪلا ۽ اڪولا سان گڏ شام ڏانھن روانو ٿيو. سفر کان اڳ ۾ ڪنخريا ۾ ھن پنھنجو مٿو ڪوڙائي ھڪ باس باسي.

19. جڏھن اھي اِفسس ۾ پھتا تہ پولس پرسڪلا ۽ اڪولا کان موڪلايو. پوئي پاڻ يھودي عبادت⁠خاني ۾ ويو جتي يھودين سان بحث ڪرڻ لڳو.

20. انھن کيس اڃا بہ ڪجھہ وقت تائين رھڻ لاءِ عرض ڪيو، پر ھن قبول نہ ڪيو.

21. ھن موڪلائڻ وقت کين چيو تہ ”خدا گھريو تہ آءٌ ضرور موٽي ايندس.“ ائين چئي ھو اِفسس مان روانو ٿي ويو.

22. جڏھن ھو قيصريہ ۾ پھتو تہ ھن يروشلم ڏانھن وڃي ڪليسيا کي سلام ڪيو ۽ پوءِ انتاخيا ڏانھن ھليو ويو.

23. ڪجھہ وقت اتي رھڻ کان پوءِ ھو اتان روانو ٿي گلتيا ۽ فروگيا جي علائقن مان لنگھندو سڀني شاگردن کي ھمتائيندو ويو.

رسولن جا ڪم 18