رسولن جا ڪم 17:15-25 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

15. جيڪي ماڻھو پولس سان گڏجي ويا ھئا، سي ساڻس اٿينس تائين ھليا. پوءِ ھو بيريا ڏانھن پولس جي ھن ھدايت سان موٽيا تہ جيترو جلد ٿي سگھي سيلاس ۽ تيمٿيس، پولس سان ملن.

16. جڏھن پولس اٿينس ۾ سيلاس ۽ تيمٿيس جو انتظار ڪري رھيو ھو، تڏھن ھن کي اھو ڏسي ڏاڍو ڏک ٿيو تہ سڄو شھر بتن سان ڀريو پيو آھي.

17. تنھنڪري ھو يھودي عبادت⁠خاني ۾ يھودين ۽ خداترس ماڻھن سان ۽ روزانو بازار ۾ جيڪي گڏبا ھئس، تن سان بحث پيو ڪندو ھو.

18. اتي ڪي اِپڪور ۽ ستوئيڪ فلسفي جا عالم بہ ساڻس مقابلو ڪرڻ لڳا. ڪن چيو تہ ”ھي واتوڙي ماڻھو ڇا ٿو چوي؟“ ٻين وري چيو تہ ”ھيءُ ڌارين ديوتائن جي خبر ڏيڻ وارو ٿو ڏسجي.“ ڇالاءِ⁠جو پولس عيسيٰ ۽ قيامت جي منادي ڪري رھيو ھو.

19. پوءِ ھو کيس اريوپگس نالي ھڪڙي جاءِ تي شھر جي ڪائونسل وٽ وٺي آيا ۽ پڇيائونس تہ ”ٻڌاءِ تہ ھي ڪھڙي نئين تعليم آھي جيڪا تون ڏيئي رھيو آھين؟

20. ڇاڪاڻ⁠تہ تون ڪي اھڙيون ڳالھيون ٿو ڪرين جي اسان کي عجيب ٿيون لڳن، سو اسان جي مرضي آھي تہ ٻڌون تہ انھن جو مطلب ڇا آھي.“

21. انھن ڏينھن ۾ اٿينس جا سڀ ديسي توڙي پرديسي جيڪي اتي رھندا ھئا، سي پنھنجو سارو وقت نيون نيون ڳالھيون ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ ۾ گذاريندا ھئا.

22. تڏھن پولس ڪائونسل جي اڳيان اٿي بيٺو ۽ چوڻ لڳو تہ ”اي اٿينس جا رھاڪو! آءٌ ڏسان ٿو تہ اوھين سڀني ڳالھين ۾ مذھبي دلچسپي ٿا رکو،

23. ڇالاءِ⁠جو مون گھمندي گھمندي اوھان جي عبادت وارين شين تي غور ڪري ڏٺو آھي. ھڪڙي قربان⁠گاھہ ڏٺم جنھن تي لکيل ھو تہ ’نامعلوم خدا جي لاءِ.‘ سو اوھين ڄاڻڻ سڃاڻڻ کان سواءِ جنھن جي عبادت ٿا ڪريو، تنھن جي ئي آءٌ اوھان کي خبر ٿو ڏيان.

24. جنھن خدا سارو جھان ۽ جيڪي شيون منجھس آھن، سي سڀيئي پيدا ڪيون آھن، سو آسمان ۽ زمين جو مالڪ ھوندي ھٿن جي ٺھيل مندرن ۾ نہ ٿو رھي.

25. ھو ڪنھن بہ شيءِ جو محتاج نہ آھي ۽ نڪي ھو ڪنھن کان خدمت ڪرائڻ گھري ٿو، ڇالاءِ⁠جو ھن پاڻ ئي تہ سڀني کي حياتي، ساھہ ۽ ٻيو سڀ ڪجھہ ڏنو آھي.

رسولن جا ڪم 17