38. سپاھين جڏھن اھو نياپو عملدارن کي پھچايو ۽ انھن کي خبر پيئي تہ پولس ۽ سيلاس رومي آھن، تڏھن ھو ڏاڍو ڊڄي ويا.
39. تنھنڪري انھن اچي کانئن معافي ورتي ۽ کين چيائون تہ ”اسين اوھان کي جيل مان آزاد ٿا ڪريون، مھرباني ڪري اوھين شھر مان ھليا وڃو.“
40. تڏھن پولس ۽ سيلاس جيل مان نڪري لديا جي گھر ڏانھن ويا، جتي ھو ڀائرن سان مليا ۽ کين تسلي ڏنائون. پوءِ ھو اتان روانا ٿي ويا.