18. ايتري سمجھائڻ کان پوءِ بہ رسولن ماڻھن کي اھڙي قرباني پيش ڪرڻ کان وڏيءَ مشڪل سان روڪيو.
19. ايتري ۾ ڪي يھودي پسديا واري انتاخيا ۽ اِڪونيم کان اچي پھتا ۽ ماڻھن کي پنھنجي طرف ڦيري ويا. ھنن پولس کي پٿر ھڻايا ۽ کيس شھر مان گھلي ٻاھر ڦٽو ڪيائون، ڇالاءِجو سمجھيائون تہ ھو مري چڪو آھي.
20. پر جڏھن شاگرد چوڌاري مڙي آيس تہ ھو اٿي بيٺو ۽ شھر ڏانھن موٽي ويو. ٻئي ڏينھن تي پولس ۽ برنباس دربيءَ ڏانھن روانا ٿي ويا.
21. دربيءَ ۾ پولس ۽ برنباس خوشخبريءَ جي منادي ڪئي ۽ ڪيترائي شاگرد بڻايائون. پوءِ ھو موٽي لسترا، اِڪونيم ۽ پسديا جي انتاخيا ۾ آيا.
22. انھن شاگردن کي ھمتايو ۽ کين نصيحت ڪئي تہ ھو ايمان تي قائم رھن. انھن کين ٻڌايو تہ ”اسان سڀني کي خدا جي بادشاھت ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ڪيترين ئي مصيبتن مان لنگھڻو پوندو.“