1. ساڳيءَ طرح اِڪونيم ۾ بہ پولس ۽ برنباس يھودي عبادتخاني ۾ ويا ۽ اھڙي نموني تقرير ڪيائون جو ڪيترن ئي يھودين ۽ غير قوم وارن ايمان آندو.
2. پر جن يھودين ايمان نہ آندو، تن غير قوم وارن کي ڀڙڪايو ۽ انھن جي جذبات کي ڀائرن جي خلاف ڪيائون.
3. رسول اتي گھڻو وقت ترسيا ۽ خداوند بابت دليريءَ سان ڳالھائيندا رھيا. خداوند سندن ھٿان معجزا ۽ ڪرامتون ڏيکاري پنھنجي فضل بابت سندن پيغام کي سچو ثابت ڪيو.
4. پر شھر جي ماڻھن ۾ ڦوٽ پئجي ويئي ۽ انھن مان ڪي يھودين جي طرف تہ ڪي رسولن جي طرف ٿي بيٺا.
5. پوءِ غير قوم وارن ۽ يھودين پنھنجي اڳواڻن سميت گڏجي منصوبو جوڙيو تہ ھو رسولن سان بدسلوڪي ڪندا ۽ کين سنگسار ڪندا.
6. جڏھن رسولن کي اھا خبر پئجي ويئي تہ ھو لوڪئُنيا علائقي جي شھرن لسترا ۽ دربي ۽ انھن جي آسپاس وارن علائقن ڏانھن ڀڄي ويا.
7. اتي بہ اھي خوشخبري ٻڌائيندا رھيا.
8. لسترا ۾ ھڪ ماڻھو رھندو ھو جنھن جا پير سڪل ھئا. ھو ڄمندي ئي منڊو ھو ۽ ڪڏھن بہ پنڌ نہ ڪيو ھئائين.