25. جڏھن يحيٰ پنھنجو ڪم پورو ڪرڻ تي ھو تہ ھن ماڻھن کي چيو تہ ’مون بابت ڇا ٿا سمجھو؟ آءٌ اھو نہ آھيان جنھن جو اوھين انتظار ڪري رھيا آھيو، پر اھو مون کان پوءِ ايندو. آءٌ انھيءَ لائق نہ آھيان جو سندس جتيءَ جون ڪھيون ڇوڙيان.‘
26. اي ڀائرؤ! اي ابراھيم جو اولاد ۽ اوھين اي خداپرست غير يھوديو! انھيءَ ڇوٽڪاري جي ڪلام کي اسان ڏانھن ئي موڪليو ويو آھي.
27. پر يروشلم جي رھاڪن ۽ سندن اڳواڻن انھيءَ کي نہ سڃاتو ۽ نڪي ھنن نبين جي ڪلام کي سمجھيو، جيڪو ھر سبت جي ڏينھن تي پڙھيو ويندو آھي. پر اٽلندو عيسيٰ تي فتويٰ جاري ڪري ھنن نبين جي چوڻيءَ کي سچو ثابت ڪيو.
28. جيتوڻيڪ انھن کي عيسيٰ جي مارائڻ جو ڪوبہ سبب نہ مليو، تنھن ھوندي بہ ھنن پلاطس کي عرض ڪيو تہ کيس مارائي ڇڏي.
29. جڏھن اھي سڀ ڳالھيون پوريون ڪيائون جيڪي صحيفي ۾ لکيل ھيون، تڏھن ھنن سندس لاش کي صليب تان لاھي قبر ۾ رکيو.
30. پر خدا کيس مئلن مان وري جيئرو ڪيو
31. ۽ ڪيترن ئي ڏينھن تائين ھو انھن کي ڏيکاري ڏيندو رھيو، جيڪي ساڻس گليل کان يروشلم تائين گڏ ھئا. اھي ھاڻي بني اسرائيل جي قوم آڏو سندس شاھد آھن.
32. خدا جيڪو واعدو اسان جي ابن ڏاڏن سان ڪيو ھو تنھن جي خوشخبري اسان آندي آھي،
33. تہ ڪيئن خدا عيسيٰ کي جيئرو ڪري سندن اولاد يعني اسان جي لاءِ اھو واعدو پورو ڪيو، جيئن ٻئي زبور ۾ لکيل آھي تہ’تون منھنجو فرزند آھين۽ اڄ آءٌ تنھنجو پيءُ ٿيو آھيان.‘
34. باقي اھا ڳالھہ تہ خدا انھيءَ کي اھڙيءَ طرح مئلن مان وري جيئرو ڪيو جو ھو وري ٻيھر ڪڏھن بہ نہ مرندو، تنھن بابت لکيل آھي تہ’آءٌ تو کي دائود سان واعدي ڪيلپاڪ ۽ سچيون نعمتون ڏيندس.‘
35. وري ھڪڙي زبور ۾ خدا کي چيو ويو آھي تہ’تون پنھنجي پاڪ ٻانھي کيڳري سڙي وڃڻ ڪين ڏيندين.‘
36. خدا پنھنجي مرضي دائود جي زماني ۾ ئي سندس ھٿان پوري ڪئي ۽ پوءِ دائود مري ويو. ھن کي پنھنجي ابن ڏاڏن سان گڏ دفن ڪيو ويو ۽ ھن جو لاش ڳري سڙي ويو.
37. پر جنھن کي خدا مئلن مان وري جيئرو ڪيو، تنھن جي ڳرڻ سڙڻ جي تہ نوبت ئي ڪين آئي.
38. تنھنڪري اي ڀائرؤ! آءٌ چاھيان ٿو تہ اوھين ڄاڻي وٺو تہ عيسيٰ جي طرفان اوھان اڳيان گناھن جي بخشش جو اعلان ڪجي ٿو،
39. ۽ جيڪو بہ ھن تي ايمان آڻي ٿو سو خدا ڏانھن سچار بڻجي ٿو، جيڪو موسيٰ جي شريعت جي وسيلي سچار بڻجي نہ سگھي ھا.
40. خبردار ٿجو تہ جيڪي نبين چيو آھي سو اوھان سان نہ ٿئي تہ
41. ’اوھين، جيڪي ڌڪاريو ٿا،سي ڏسي عجب ۾ پئجي وڃو۽ برباد ٿي وڃو،ڇالاءِجو آءٌ اوھان جي زماني ۾ھڪڙو اھڙو ڪم ڪندس،جو جيڪڏھن ڪو اوھان کي بيان ڪري ٻڌائيتہ اوھين مٿس ڪڏھن بہ ويساھہ نہ ڪندا.‘“
42. جڏھن برنباس ۽ پولس يھودي عبادتخاني مان ٻاھر نڪتا تہ ڪيترن ئي ماڻھن کين منٿون ڪيون تہ اھي وري ٻئي سبت جي ڏينھن تي اچي کين ڪجھہ وڌيڪ ٻڌائين.
43. مجلس پوري ٿيڻ کان پوءِ ڪيترائي يھودي ۽ سندن ديندار نوان مريد پولس ۽ برنباس جي پٺيان ھلڻ لڳا ۽ ھنن ساڻن ڳالھائي انھن کي تاڪيد ڪيو تہ ”خدا جي فضل تي قائم رھندا اچو.“
44. ٻئي سبت جي ڏينھن تي اٽڪل پورو شھر خداوند جو ڪلام ٻڌڻ لاءِ اچي گڏ ٿيو.
45. جڏھن يھودين ميڙ ڏٺا تہ حسد وٺي وين، سو ھو پولس جي تبليغ خلاف بدشد ڳالھائڻ لڳا ۽ ھن جي بيعزتي ڪيائون.