رسولن جا ڪم 13:11-19 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

11. سو ٻڌ، تو تي خداوند جي مار اچي پيئي آھي. ھاڻي تون انڌو ٿيندين ۽ ڪجھہ مدت تائين ڏينھن جي روشني بہ ڏسڻ ۾ نہ ايندءِ.“ تڏھن ھڪدم ھن جي اکين اڳيان ڌنڌ ۽ اونداھي اچي ويئي ۽ ھو ھيڏانھن ھوڏانھن ھٿوراڙيون ھڻڻ لڳو تہ من ڪو کيس ھٿ کان وٺي ھلي.

12. جڏھن گورنر ھي حال ڏٺو تہ خداوند جي تعليم تي حيران ٿي ويو ۽ ايمان آندائين.

13. پولس ۽ سندس ساٿي پافس مان سامونڊي جھاز تي چڙھي پرگا ۾ آيا، جو پمفوليا ۾ آھي. پر يوحنا عرف مرقس ھنن کي اتي ڇڏي يروشلم ڏانھن موٽي ويو.

14. ھو پرگا مان پسديا واري انتاخيا ۾ آيا ۽ سبت جي ڏينھن يھودي عبادت⁠خاني ۾ وڃي ويٺا.

15. جڏھن اتي توريت ۽ نبين جا صحيفا پڙھيا ويا، تڏھن عبادت⁠خانن جي اڳواڻن ھنن کي سڏائي چيو تہ ”اي ڀائرؤ! جيڪڏھن اوھان کي ڪا نصيحت جي ڳالھہ ماڻھن کي ٻڌائڻي آھي تہ ٻڌايو.“

16. تنھن تي پولس اٿي بيٺو ۽ ھٿ جو اشارو ڏيندي چيائين تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! ۽ اوھين اي خداپرست غير يھوديو! ڪن ڏيئي ٻڌو.

17. بني اسرائيل قوم جي خدا اسان جي وڏن کي چونڊيو ۽ انھن کي وڏي قوم بڻايائين، جڏھن ھو مصر جي ملڪ ۾ ڌاريا ٿي رھندا ھئا. خدا پنھنجي عظيم قوت سان انھن کي مصر مان ڪڍيو

18. ۽ اٽڪل چاليھن سالن تائين بيابان ۾ سندن سنڀال ڪندو رھيو.

19. ھن ڪنعان جي ملڪ ۾ ست قومون ناس ڪيون ۽ بني اسرائيل کي ان ملڪ جو مالڪ بڻايائين.

رسولن جا ڪم 13