1. انتاخيا جي ڪليسيا ۾ نبي ۽ استاد ھوندا ھئا، جھڙوڪ برنباس، شمعون جنھن کي ڪارو سڏيندا ھئا، لوسيس ڪريني، منائين، جيڪو ھيروديس حاڪم جو ننڍپڻ جو دوست ھو ۽ شائول.
2. جڏھن ھنن خداوند جي عبادت پئي ڪئي ۽ روزا پئي رکيا، تڏھن پاڪ روح کين چيو تہ ”برنباس ۽ شائول کي مون لاءِ مخصوص ڪريو تہ ھو اھو ڪم ڪن جنھن لاءِ مون کين چونڊيو آھي.“
3. تڏھن انھن روزو رکيو ۽ دعا گھرندي ھنن تي ھٿ رکيا ۽ پوءِ کين روانو ڪيائون.