رسولن جا ڪم 11:20-30 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

20. پر انھن مان ڪي قبرص ۽ ڪرين جا ماڻھو جيڪي انتاخيا ۾ پھتا، سي غير قومن کي بہ خداوند عيسيٰ جي خوشخبري ٻڌائڻ لڳا.

21. جيئن تہ خداوند جو مٿن ھٿ ھو، سو ڪيترائي ماڻھو ڏانھس ڦري آيا ۽ خداوند تي ايمان آندائون.

22. ھي خبرون جڏھن يروشلم جي ڪليسيا ۾ پھتيون تہ انھن برنباس کي انتاخيا ڏانھن موڪليو.

23. برنباس جڏھن اتي پھتو ۽ ڏٺائين تہ خدا ڪيئن نہ انھن تي فضل ڪيو آھي تڏھن ھو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ کين سمجھايائين تہ ”خداوند سان دل⁠ وَ جان سان وفادار رھجو.“

24. برنباس ھڪ نيڪ شخص ھو، جيڪو پاڪ روح ۽ ايمان سان ڀرپور ھو. سو گھڻن ئي ماڻھن خداوند تي ايمان آندو.

25. پوءِ برنباس شائول جي ڳولا ۾ ترسس ڏانھن ويو.

26. جڏھن ھن کي ڳولي لڌائين، تڏھن کيس انتاخيا ۾ وٺي آيو. ھو ٻئي ڪليسيا جي ماڻھن سان سڄو سال ملندا رھيا ۽ گھڻن ئي ماڻھن کي تعليم ڏنائون. اھو انتاخيا ۾ ئي ٿيو جو شاگرد پھريون دفعو مسيحي سڏجڻ لڳا.

27. انھن ڏينھن ۾ ڪي نبي يروشلم مان انتاخيا ڏانھن آيا.

28. انھن مان اگبس نالي ھڪڙو نبي اٿي بيٺو ۽ پاڪ روح جي وسيلي پيشنگوئي ڪيائين تہ سڄيءَ دنيا ۾ ڏاڍو ڏڪار پوڻو آھي. ائين ئي ٿيو ۽ اھو ڏڪار ڪلوديس شھنشاھہ جي ڏينھن ۾ پيو.

29. شاگردن مان ھر ھڪ اھو ارادو ڪيو تہ جيڪي ڀائر يھوديہ ۾ رھن ٿا تن ڏانھن پنھنجي وسعت آھر ڪجھہ مدد طور موڪلين.

30. سو ھنن ائين ئي ڪيو ۽ ڪجھہ پيسا برنباس ۽ شائول جي ھٿان ڪليسيا جي بزرگن ڏانھن ڏياري موڪليائون.

رسولن جا ڪم 11