رسولن جا ڪم 11:19-24 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

19. استيفنس جي مارجي وڃڻ کان پوءِ جيڪا مصيبت آئي، تنھن جي ڪري ايمان وارا ٽڙي پکڙي ويا. انھن مان ڪي تہ فينيڪي، قبرص ۽ انتاخيا تائين وڃي پھتا. اتي يھودين کان سواءِ ھو ٻئي ڪنھن کي بہ خدا جو ڪلام نہ ٻڌائيندا ھئا.

20. پر انھن مان ڪي قبرص ۽ ڪرين جا ماڻھو جيڪي انتاخيا ۾ پھتا، سي غير قومن کي بہ خداوند عيسيٰ جي خوشخبري ٻڌائڻ لڳا.

21. جيئن تہ خداوند جو مٿن ھٿ ھو، سو ڪيترائي ماڻھو ڏانھس ڦري آيا ۽ خداوند تي ايمان آندائون.

22. ھي خبرون جڏھن يروشلم جي ڪليسيا ۾ پھتيون تہ انھن برنباس کي انتاخيا ڏانھن موڪليو.

23. برنباس جڏھن اتي پھتو ۽ ڏٺائين تہ خدا ڪيئن نہ انھن تي فضل ڪيو آھي تڏھن ھو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ کين سمجھايائين تہ ”خداوند سان دل⁠ وَ جان سان وفادار رھجو.“

24. برنباس ھڪ نيڪ شخص ھو، جيڪو پاڪ روح ۽ ايمان سان ڀرپور ھو. سو گھڻن ئي ماڻھن خداوند تي ايمان آندو.

رسولن جا ڪم 11