1. رسولن ۽ سڄي يھوديہ ۾ ڀائرن ٻڌو تہ غير قومن بہ خدا جو ڪلام قبول ڪيو آھي.
2. جڏھن پطرس يروشلم ۾ آيو تہ جيڪي ايمان وارا طھر ڪرائڻ جي حق ۾ ھئا، تن ساڻس بحث ڪيو تہ
3. ”تون نہ رڳو اڻطھريلن جي گھر ۾ مھمان ھئين، بلڪ تو انھن سان گڏ کاڌو پيتو بہ آھي.“
4. تنھن تي پطرس انھن کي شروعات کان وٺي جيڪي ڪجھہ ٿيو ھو سو سڄو احوال ٻڌايو تہ