رسولن جا ڪم 10:29-41 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

29. اھو ئي سبب آھي جو جڏھن مون کي گھرايو ويو تہ آءٌ سواءِ ڪنھن اعتراض جي ھليو آيس. ھاڻي ٻڌايو تہ مون کي ڇو گھرايو اٿوَ؟“

30. ڪرنيليس چيس تہ ”چئن ڏينھن جي ڳالھہ آھي تہ آءٌ پنھنجي گھر ۾ ٽپھريءَ جي وقت دعا گھري رھيو ھوس تہ اوچتو ھڪ ماڻھو تجليدار پوشاڪ سان منھنجي اڳيان اچي بيٺو

31. ۽ چيائين تہ ’اي ڪرنيليس! خدا تنھنجون دعائون ٻڌيون آھن ۽ تنھنجون خيراتون قبول پيون آھن.

32. سو ڪنھن ماڻھوءَ کي يافا ڏانھن موڪلي انھيءَ ماڻھوءَ کي گھراءِ جنھن جو نالو شمعون آھي ۽ کيس پطرس ڪري بہ سڏيندا آھن. ھو شمعون موچيءَ وٽ ٽڪيل آھي، جنھن جو گھر سمنڊ جي ڪناري تي آھي.‘

33. تنھنڪري مون جلدي اوھان کي گھرايو ۽ اھا اوھان جي وڏي مھرباني آھي جو اوھين آيا آھيو. ھاڻي اسين سڀ انھيءَ لاءِ خدا جي آڏو حاضر ٿيا آھيون تہ جيڪي خداوند اوھان کي ٻڌائڻ لاءِ حڪم ڏنو آھي سو ٻڌون.“

34. پوءِ پطرس ھيئن چوڻ لڳو تہ ”ھاڻي مون کي پڪ آھي تہ خدا سڀني سان ھڪجھڙو ھلي ٿو.

35. پر سڀ ڪنھن قوم مان جيڪو بہ خدا کان ڊڄي ٿو ۽ نيڪي ڪري ٿو سو وٽس قبول پوي ٿو.

36. اھو ڪلام جيڪو امن جي خوشخبري آھي سو خدا بني اسرائيل قوم ڏانھن عيسيٰ مسيح جي وسيلي موڪليو، جيڪو سڀني جو خداوند آھي.

37. انھيءَ واقعي جي اوھان کي پاڻ خبر آھي، جيڪو يحيٰ جي بپتسما واري تبليغ کان پوءِ سڄي يھوديہ ۾ مشھور ٿي ويو ۽ جنھن جي شروعات گليل کان ٿي.

38. اوھان کي اھا بہ خبر آھي تہ ڪيئن خدا عيسيٰ ناصريءَ کي پاڪ روح ۽ قدرت سان مسح ڪري چونڊيو ھو. ھو ھرھنڌ وڃي چڱا ڪم ڪندو ھو ۽ جن ماڻھن تي شيطان جو غلبو ھو تن کي شفا ڏيندو ھو، ڇالاءِ⁠جو خدا انھيءَ سان ھو.

39. اسين انھن سڀني ڪمن جا شاھد آھيون، جيڪي ھن يھودين جي ملڪ ۽ يروشلم شھر ۾ ڪيا ھئا. پر انھن کيس صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻي ماريو.

40. خدا ٽئين ڏينھن تي کيس مئلن مان وري جيئرو ڪيو ۽ پڌرو ڪري ڏيکاريو.

41. خدا سڄيءَ قوم کي نہ، بلڪ انھن شاھدن کي پڌرو ڪري ڏيکاريو جن کي اڳي ئي چونڊي ڇڏيو ھئائين، يعني اسان کي. اسين ئي ساڻس گڏ کائيندا پيئندا ھئاسون، جڏھن خدا کيس وري جيئرو ڪري اٿاريو ھو.

رسولن جا ڪم 10