24. ٽئين ڏينھن تي ھو قيصريہ ۾ پھتو، جتي ڪرنيليس ھن جو انتظار ڪري رھيو ھو ۽ ھن پنھنجن مائٽن ۽ گھاٽن دوستن کي بہ پاڻ وٽ گھرايو ھو.
25. جڏھن پطرس اندر گھڙڻ لڳو تہ ڪرنيليس اچي ساڻس مليو ۽ سندس پيرن تي ڪري سجدو ڪيائينس.
26. پر پطرس کيس مٿي اٿاريندي چيو تہ ”اٿو، آءٌ پاڻ ھڪ انسان آھيان.“
27. پطرس ڪرنيليس سان ڳالھيون ڪندو اندر ويو ۽ ڏٺائين تہ ڪيترائي ماڻھو اچي گڏ ٿيا آھن.
28. پطرس انھن کي چيو تہ ”اوھين پاڻ چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا تہ يھودين جي مذھب ۾ جائز نہ آھي تہ ھو ڪنھن غير قوم واري سان ملن جلن يا دوستي رکن. پر خدا مون کي صاف چيو آھي تہ آءٌ ڪنھن بہ ماڻھوءَ کي پليت يا گھٽ نہ سمجھان.
29. اھو ئي سبب آھي جو جڏھن مون کي گھرايو ويو تہ آءٌ سواءِ ڪنھن اعتراض جي ھليو آيس. ھاڻي ٻڌايو تہ مون کي ڇو گھرايو اٿوَ؟“
30. ڪرنيليس چيس تہ ”چئن ڏينھن جي ڳالھہ آھي تہ آءٌ پنھنجي گھر ۾ ٽپھريءَ جي وقت دعا گھري رھيو ھوس تہ اوچتو ھڪ ماڻھو تجليدار پوشاڪ سان منھنجي اڳيان اچي بيٺو
31. ۽ چيائين تہ ’اي ڪرنيليس! خدا تنھنجون دعائون ٻڌيون آھن ۽ تنھنجون خيراتون قبول پيون آھن.
32. سو ڪنھن ماڻھوءَ کي يافا ڏانھن موڪلي انھيءَ ماڻھوءَ کي گھراءِ جنھن جو نالو شمعون آھي ۽ کيس پطرس ڪري بہ سڏيندا آھن. ھو شمعون موچيءَ وٽ ٽڪيل آھي، جنھن جو گھر سمنڊ جي ڪناري تي آھي.‘
33. تنھنڪري مون جلدي اوھان کي گھرايو ۽ اھا اوھان جي وڏي مھرباني آھي جو اوھين آيا آھيو. ھاڻي اسين سڀ انھيءَ لاءِ خدا جي آڏو حاضر ٿيا آھيون تہ جيڪي خداوند اوھان کي ٻڌائڻ لاءِ حڪم ڏنو آھي سو ٻڌون.“
34. پوءِ پطرس ھيئن چوڻ لڳو تہ ”ھاڻي مون کي پڪ آھي تہ خدا سڀني سان ھڪجھڙو ھلي ٿو.
35. پر سڀ ڪنھن قوم مان جيڪو بہ خدا کان ڊڄي ٿو ۽ نيڪي ڪري ٿو سو وٽس قبول پوي ٿو.
36. اھو ڪلام جيڪو امن جي خوشخبري آھي سو خدا بني اسرائيل قوم ڏانھن عيسيٰ مسيح جي وسيلي موڪليو، جيڪو سڀني جو خداوند آھي.
37. انھيءَ واقعي جي اوھان کي پاڻ خبر آھي، جيڪو يحيٰ جي بپتسما واري تبليغ کان پوءِ سڄي يھوديہ ۾ مشھور ٿي ويو ۽ جنھن جي شروعات گليل کان ٿي.
38. اوھان کي اھا بہ خبر آھي تہ ڪيئن خدا عيسيٰ ناصريءَ کي پاڪ روح ۽ قدرت سان مسح ڪري چونڊيو ھو. ھو ھرھنڌ وڃي چڱا ڪم ڪندو ھو ۽ جن ماڻھن تي شيطان جو غلبو ھو تن کي شفا ڏيندو ھو، ڇالاءِجو خدا انھيءَ سان ھو.