رسولن جا ڪم 10:19-30 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

19. پطرس اڃا تائين سوچي رھيو ھو تہ انھيءَ رويا جو مطلب ڇا آھي تہ پاڪ روح کيس چيو تہ ”ٻڌ، ٽي ماڻھو تو کي ڳولي رھيا آھن.

20. سو اٿ ۽ ھيٺ لھي وڃ. انھن سان گڏ وڃڻ کان نہ گھٻرائجانءِ، ڇوتہ مون ئي انھن کي موڪليو آھي.“

21. تنھن تي پطرس ھيٺ لھي ويو ۽ انھن ماڻھن کي چيائين تہ ”آءٌ اھو آھيان، جنھن کي اوھين ڳولي رھيا آھيو. اوھين ڪيئن آيا آھيو؟“

22. انھن وراڻيو تہ ”صوبيدار ڪرنيليس اسان کي موڪليو آھي. ھو ھڪ نيڪ ۽ خدا ترس ماڻھو آھي ۽ يھودين جي سڄي قوم ۾ ڏاڍي ساراھہ اٿس. ھن کي خدا جي ھڪڙي پاڪ ملائڪ چيو آھي تہ ھو تو کي پنھنجي گھر سڏائي تنھنجي واتان تنھنجون ڳالھيون ٻڌي.“

23. پطرس ماڻھن کي اندر وٺي ويو ۽ کين رات اتي ٽڪايائين.ٻئي ڏينھن تي ھو تيار ٿي انھن سان گڏ روانو ٿيو ۽ ڪي ڀائر يافا مان بہ ھن سان گڏ ھليا.

24. ٽئين ڏينھن تي ھو قيصريہ ۾ پھتو، جتي ڪرنيليس ھن جو انتظار ڪري رھيو ھو ۽ ھن پنھنجن مائٽن ۽ گھاٽن دوستن کي بہ پاڻ وٽ گھرايو ھو.

25. جڏھن پطرس اندر گھڙڻ لڳو تہ ڪرنيليس اچي ساڻس مليو ۽ سندس پيرن تي ڪري سجدو ڪيائينس.

26. پر پطرس کيس مٿي اٿاريندي چيو تہ ”اٿو، آءٌ پاڻ ھڪ انسان آھيان.“

27. پطرس ڪرنيليس سان ڳالھيون ڪندو اندر ويو ۽ ڏٺائين تہ ڪيترائي ماڻھو اچي گڏ ٿيا آھن.

28. پطرس انھن کي چيو تہ ”اوھين پاڻ چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا تہ يھودين جي مذھب ۾ جائز نہ آھي تہ ھو ڪنھن غير قوم واري سان ملن جلن يا دوستي رکن. پر خدا مون کي صاف چيو آھي تہ آءٌ ڪنھن بہ ماڻھوءَ کي پليت يا گھٽ نہ سمجھان.

29. اھو ئي سبب آھي جو جڏھن مون کي گھرايو ويو تہ آءٌ سواءِ ڪنھن اعتراض جي ھليو آيس. ھاڻي ٻڌايو تہ مون کي ڇو گھرايو اٿوَ؟“

30. ڪرنيليس چيس تہ ”چئن ڏينھن جي ڳالھہ آھي تہ آءٌ پنھنجي گھر ۾ ٽپھريءَ جي وقت دعا گھري رھيو ھوس تہ اوچتو ھڪ ماڻھو تجليدار پوشاڪ سان منھنجي اڳيان اچي بيٺو

رسولن جا ڪم 10