رسولن جا ڪم 10:14-16 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

14. پر پطرس چيو تہ ”اي خداوند! ھرگز نہ، ڇالاءِ⁠جو مون ڪڏھن بہ ڪا حرام يا پليت شيءِ ڪانہ کاڌي آھي.“

15. وري آواز آيس تہ ”جنھن کي خدا پاڪ ڪيو آھي، تنھن کي پليت نہ چئُہ.“

16. ٽي دفعا ائين ٿيو ۽ پوءِ اھا شيءِ وري آسمان ڏانھن کڄي ويئي.

رسولن جا ڪم 10