3. ھن پنھنجي موت کان پوءِ انھن کي پاڻ ڏيکاريو ۽ ڪيتريون ئي ثابتيون ڏنائين تہ ھو جيئرو آھي. ھن چاليھن ڏينھن تائين انھن کي ڪيترائي دفعا پاڻ ڏيکاريو ۽ ساڻن خدا جي بادشاھت بابت ڳالھايائين.
4. ھڪڙي دفعي جڏھن ھو سڀيئي اچي گڏ ٿيا تہ ھن کين تاڪيد ڪري چيو تہ ”يروشلم نہ ڇڏجو، بلڪ منھنجي پيءُ جي ڪيل واعدي جي پوري ٿيڻ جو انتظار ڪجو، جنھن بابت مون اوھان کي ٻڌايو ھو.