گلتين 6:17-18 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

17. اڄ کان پوءِ ڪوبہ ماڻھو مون کي تڪليف نہ ڏئي، ڇالاءِ⁠جو منھنجي بدن تي جيڪي داغ آھن سي ظاھر ڪن ٿا تہ آءٌ مسيح جو غلام آھيان.

18. اي ڀائرو ۽ ڀينرون! شل اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جو فضل اوھان سان ھجي. آمين.

گلتين 6