گلتين 4:2-9 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

2. پر جيڪو وقت پيءُ مقرر ڪيو آھي، انھيءَ وقت تائين ھو سنڀاليندڙن ۽ مختيارن جي وس ۾ رھندو آھي.

3. ساڳيءَ طرح اسين بہ جڏھن ٻار ھئاسين تڏھن دنيا جي ابتدائي اصولن جا پابند ٿي غلاميءَ جي حالت ۾ رھياسين.

4. پر جڏھن وقت پورو ٿيو تہ خدا پنھنجو فرزند موڪليو جيڪو عورت جي پيٽان پيدا ٿيو ۽ شريعت جي ماتحت پيدا ٿيو.

5. انھيءَ لاءِ تہ جيڪي شريعت جي ماتحت ھئا تن کي ھو مُلھہ ڏيئي ڇڏائي، تہ جيئن اسان کي گود ورتل ٻار ٿيڻ جو درجو حاصل ٿئي.

6. جيئن تہ اوھين خدا جا ٻار آھيو، تنھنڪري خدا پنھنجي فرزند جو روح اوھان جي دلين ۾ بہ موڪليو آھي. اھو روح ”اي منھنجا بابا!“ چئي پڪاري ٿو.

7. تنھنڪري اڳتي اوھين غلام نہ، بلڪ ٻار آھيو. ھاڻي جڏھن تہ ٻار آھيو، تڏھن خدا اوھان کي وارث بہ بڻايو آھي.

8. بيشڪ اڳئين زماني ۾ خدا جي ڄاڻ نہ ھوندي اوھين انھن شين جي غلاميءَ ۾ ھئا جيڪي حقيقت ۾ خدا نہ آھن.

9. پر ھاڻي جڏھن اوھين خدا کي ڄاڻو ٿا، بلڪ خدا اوھان کي ڄاتو آھي تہ پوءِ وري اوھين انھن ڪمزور ۽ خسيس ابتدائي اصولن ڏانھن ڇو ٿا ڦرو؟ ڇا اوھين ٻيھر انھن جي غلاميءَ ۾ رھڻ جي خواھش ٿا ڪريو؟

گلتين 4