گلتين 4:17-31 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

17. اھي شريعت جا پابند اوھان کي پنھنجو بنائڻ جي ڪوشش تہ ڪن ٿا، پر سندن نيت صاف نہ آھي. اھي اوھان کي مون کان ڌار ڪرڻ چاھين ٿا تہ جيئن اوھين رڳو انھن کي ئي پنھنجو سمجھو.

18. پنھنجي طرف ڪرڻ جو جذبو تہ سٺي ڳالھہ آھي، بشرطيڪ نيت صاف ھجي. پر ائين ھميشہ ڪيو وڃي، نہ رڳو تڏھن جڏھن آءٌ اوھان ۾ موجود ھجان.

19. اي منھنجا ٻارڙؤ! آءٌ اوھان جي لاءِ وري ٻار ڄڻيندڙ عورت وانگر سور محسوس ڪريان ٿو، جيستائين اوھين پوريءَ طرح مسيح جھڙا بڻجي نہ ٿا وڃو.

20. شل ھاڻي ئي آءٌ اوھان وٽ حاضر ٿي ڪنھن ٻئي نموني ڳالھايان، ڇالاءِ⁠جو مون کي اوھان بابت ڏاڍو مونجھارو آھي.

21. اوھين جيڪي شريعت جي تابع رھڻ ٿا گھرو، سي مون کي ٻڌايو تہ اوھين شريعت جون ڳالھيون نہ ٿا ٻڌو ڇا؟

22. ڇالاءِ⁠جو ان ۾ لکيل آھي تہ ابراھيم کي ٻہ پٽ ھئا، ھڪڙو ٻانھيءَ مان ۽ ٻيو سندس زال مان جيڪا ٻانھي نہ ھئي.

23. ٻانھيءَ وارو پٽ جسماني طرح ڄائو ھو، پر آزاد زال وارو پٽ خدا جي واعدي موجب ڄائو ھو.

24. انھن ڳالھين مان ھڪڙو مثال وٺجي ٿو، ڇالاءِ⁠جو اھي ٻہ عورتون ڄڻ تہ ٻہ عھد آھن. انھن مان ھڪڙو سينا جبل وارو آھي، جنھن ڪري غلام ئي پيدا ٿين ٿا ۽ اھا آھي ھاجرہ.

25. ھاڻي اھا ھاجرہ عربستان جي سينا جبل جي مثل آھي ۽ ان جي ڀيٽ ھاڻوڪي يروشلم سان ڪري سگھجي ٿي، ڇالاءِ⁠جو اھو شھر بہ پنھنجي رھاڪن سميت غلاميءَ ۾ آھي.

26. پر آسماني يروشلم آزاد آھي ۽ اھا اسان جي ماءُ آھي.

27. ڇالاءِ⁠جو لکيل آھي تہ”اي سنڍ زال! تون جا ٻار نہ ٿي ڄڻين،سا خوشي ڪر.تون، جنھن کي ڪڏھن بہ ويم جا سور نہ ٿيا آھن،سا خوشيءَ سان وڏي واڪي پڪار،ڇالاءِ⁠جو نڌڻڪيءَ زال جا ٻارمڙس واري زال جي ٻارن کان گھڻا آھن.“

28. ھاڻي اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين اسحاق وانگر خدا جي واعدي موجب پيدا ٿيل اولاد آھيون.

29. پر جيئن انھيءَ وقت جسماني طرح پيدا ٿيل ٻار، پاڪ روح موجب پيدا ٿيل ٻار کي ستائيندو ھو، تيئن ئي ھاڻي بہ ٿئي ٿو.

30. مگر پاڪ ڪتاب ڇا ٿو چوي؟ اھو تہ ”ٻانھيءَ ۽ سندس پٽ کي ڪڍي ڇڏ. ڇالاءِ⁠جو ٻانھيءَ جو پٽ، آزاد زال جي پٽ سان گڏ ھرگز وارث نہ ٿيندو.“

31. تنھنڪري اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين ٻانھيءَ جا نہ بلڪ آزاد زال جا ٻار آھيون.

گلتين 4