23. پر انھيءَ ايمان جي اچڻ کان اڳ اسين شريعت جي نگھبانيءَ ۾ قيد ھئاسين ۽ ايمان جي اچڻ تائين، جيڪو پوءِ ظاھر ٿيڻ وارو ھو، اسين شريعت جا پابند رھياسين.
24. سو شريعت مسيح جي اچڻ تائين اسان جي نگھبان ٿي، انھيءَ لاءِ تہ جيئن اسين ايمان جي وسيلي سچار بڻايا وڃون.
25. ھاڻي جڏھن ايمان اچي ويو آھي تہ پوءِ اسين نگھبان جي سنڀال ھيٺ نہ آھيون.
26. ڇالاءِجو اوھين سڀيئي عيسيٰ مسيح تي ايمان آڻڻ جي ڪري خدا جا ٻار آھيو.