17. ان کان پوءِ فريسين ھڪ دفعو وري انھيءَ ماڻھوءَ کان پڇيو تہ ”تون چوين ٿو تہ ھن تنھنجون اکيون کوليون، پر تون انھيءَ شخص بابت ڇا ٿو چوين؟“ ھن وراڻيو تہ ”ھو نبي آھي.“
18. يھودي اڳواڻن کي ھن ماڻھوءَ جي ڳالھہ تي اڃا بہ اعتبار نہ آيو تہ ھو ڪو انڌو ھو ۽ پوءِ سڄو ٿيو آھي، تنھنڪري ھنن انھيءَ ماڻھوءَ جي ماءُپيءُ کي سڏائي کانئن پڇيو تہ
19. ”ڇا ھي اوھان جو پٽ آھي؟ اوھين چئو ٿا تہ ھي ڄائي ڄم کان انڌو ھو، تہ پوءِ اھو ڪيئن ٿي سگھي ٿو تہ ھو ھاڻي ڏسي وائسي ٿو؟“
20. ھن جي ماءُپيءُ وراڻيو تہ ”اسين ڄاڻون ٿا تہ ھي اسان جو پٽ آھي ۽ ڄائي ڄم کان انڌو ھو.
21. پر اھا خبر ڪانھي تہ ھاڻي ڪيئن ھو ڏسڻ وائسڻ لڳو آھي ۽ اسان کي اھا بہ خبر ڪانھي تہ ڪنھن ھن جو اکيون کوليون. اوھين کانئس پڇو، ھو بالغ آھي، پاڻ پنھنجي ڳالھہ ڪندو.“
22. سندس ماءُپيءُ ائين انھيءَ ڪري چيو، ڇالاءِجو ھو يھودي اڳواڻن کان ڊنا ٿي، جن اڳي ئي ٺھراءُ ڪري ڇڏيو ھو تہ جيڪڏھن ڪو ماڻھو عيسيٰ کي مسيح ڪري مڃيندو تہ ھو انھيءَ کي پنھنجي عبادتگاھہ مان ڪڍي ڇڏيندا.
23. اھو ئي سبب ھو جو انھيءَ ماڻھوءَ جي ماءُپيءُ چيو تہ ”ھو بالغ آھي سو اوھين کانئس پڇو.“
24. ٻئي دفعي انھن وري انھيءَ ماڻھوءَ کي گھرايو جيڪو اڳي انڌو ھو ۽ کيس چيائون تہ ”تون خدا جي آڏو واعدو ڪر تہ سچ ڳالھائيندين. اسين ڄاڻون ٿا تہ اھو ماڻھو گنھگار آھي.“
25. انھيءَ ماڻھوءَ وراڻيو تہ ”مون کي خبر نہ آھي تہ ھو گنھگار آھي يا نہ. آءٌ رڳو اھو ڄاڻان ٿو تہ اڳي آءٌ انڌو ھوس ۽ ھاڻي ڏسان وائسان ٿو.“
26. تنھن تي انھن پڇيس تہ ”ھن تو کي ڇا ڪيو؟ ڪيئن تنھنجون اکيون کوليائين؟“
27. ھن وراڻيو تہ ”اڃا ھاڻي تہ مون اوھان کي ٻڌايو تہ بہ اوھان ڪونہ ٻڌو، وري ڇو ٿا ٻڌڻ چاھيو؟ اوھين بہ ھن جا شاگرد ٿيڻ چاھيو ٿا ڇا؟“
28. تنھن تي انھن ڦٽ لعنت ڪري چيس تہ ”تون ئي انھيءَ جو شاگرد آھين. اسين تہ موسيٰ جا شاگرد آھيون.
29. اسين ڄاڻون ٿا تہ خدا موسيٰ سان ڳالھايو ھو، پر انھيءَ شخص بابت اسان کي ڪابہ خبر نہ آھي تہ ھو ڪٿان آيو آھي.“
30. تنھن تي انھيءَ ماڻھوءَ چيو تہ ”واہ! اھا تہ عجيب ڳالھہ آھي، ھُن منھنجون اکيون کوليون آھن، تڏھن بہ اوھان کي خبر نہ آھي تہ ھو ڪٿان آيو آھي.