يوحنا 9:10-25 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

10. پوءِ انھن پڇيس تہ ”تنھنجون اکيون ڪيئن کليون؟“

11. ھن وراڻيو تہ ”اھو شخص جنھن جو نالو عيسيٰ آھي، تنھن مٽي ڳوھي منھنجين اکين تي لاتي ۽ چيائين تہ ’سيلوم واري تلاءَ ۾ وڃي منھن ڌوءُ.‘ پوءِ آءٌ ويس ۽ وڃي منھن ڌوتم ۽ پوءِ ڏسڻ وائسڻ لڳس.“

12. تنھن تي انھن پڇيس تہ ”اھو شخص ڪٿي آھي؟“ ھن چين تہ ”مون کي خبر نہ آھي.“

13. تنھن کان پوءِ اھي انھيءَ انڌي مان سڄي ٿيل ماڻھوءَ کي فريسين وٽ وٺي آيا.

14. جنھن ڏينھن تي عيسيٰ مٽي ڳوھي انڌي ماڻھوءَ جون اکيون کوليون ھيون سو سبت جو ڏينھن ھو.

15. پوءِ فريسين انھيءَ ماڻھوءَ کان پڇيو تہ ”تون ڪيئن ڏسڻ وائسڻ لڳين؟“ ھن انھن کي ٻڌايو تہ ”ھڪڙي ماڻھوءَ ٿوري مٽي منھنجين اکين تي لاتي ۽ مون وڃي منھن ڌوتو تہ آءٌ ڏسڻ وائسڻ لڳس.“

16. تنھن تي فريسين مان ڪن چيو تہ ”جنھن ماڻھوءَ ھي ڪم ڪيو آھي سو خدا جي طرفان ٿي نہ ٿو سگھي، ڇاڪاڻ⁠تہ ھن سبت جي ڏينھن کي نہ مڃيو آھي.“ ٻين وري چيو تہ ”جيڪو گنھگار آھي سو اھڙا معجزا ڪيئن ٿو ڪري سگھي.“ تنھنڪري انھن ۾ ڏڦيڙ پئجي ويو.

17. ان کان پوءِ فريسين ھڪ دفعو وري انھيءَ ماڻھوءَ کان پڇيو تہ ”تون چوين ٿو تہ ھن تنھنجون اکيون کوليون، پر تون انھيءَ شخص بابت ڇا ٿو چوين؟“ ھن وراڻيو تہ ”ھو نبي آھي.“

18. يھودي اڳواڻن کي ھن ماڻھوءَ جي ڳالھہ تي اڃا بہ اعتبار نہ آيو تہ ھو ڪو انڌو ھو ۽ پوءِ سڄو ٿيو آھي، تنھنڪري ھنن انھيءَ ماڻھوءَ جي ماءُ⁠پيءُ کي سڏائي کانئن پڇيو تہ

19. ”ڇا ھي اوھان جو پٽ آھي؟ اوھين چئو ٿا تہ ھي ڄائي ڄم کان انڌو ھو، تہ پوءِ اھو ڪيئن ٿي سگھي ٿو تہ ھو ھاڻي ڏسي وائسي ٿو؟“

20. ھن جي ماءُ⁠پيءُ وراڻيو تہ ”اسين ڄاڻون ٿا تہ ھي اسان جو پٽ آھي ۽ ڄائي ڄم کان انڌو ھو.

21. پر اھا خبر ڪانھي تہ ھاڻي ڪيئن ھو ڏسڻ وائسڻ لڳو آھي ۽ اسان کي اھا بہ خبر ڪانھي تہ ڪنھن ھن جو اکيون کوليون. اوھين کانئس پڇو، ھو بالغ آھي، پاڻ پنھنجي ڳالھہ ڪندو.“

22. سندس ماءُ⁠پيءُ ائين انھيءَ ڪري چيو، ڇالاءِ⁠جو ھو يھودي اڳواڻن کان ڊنا ٿي، جن اڳي ئي ٺھراءُ ڪري ڇڏيو ھو تہ جيڪڏھن ڪو ماڻھو عيسيٰ کي مسيح ڪري مڃيندو تہ ھو انھيءَ کي پنھنجي عبادت⁠گاھہ مان ڪڍي ڇڏيندا.

23. اھو ئي سبب ھو جو انھيءَ ماڻھوءَ جي ماءُ⁠پيءُ چيو تہ ”ھو بالغ آھي سو اوھين کانئس پڇو.“

24. ٻئي دفعي انھن وري انھيءَ ماڻھوءَ کي گھرايو جيڪو اڳي انڌو ھو ۽ کيس چيائون تہ ”تون خدا جي آڏو واعدو ڪر تہ سچ ڳالھائيندين. اسين ڄاڻون ٿا تہ اھو ماڻھو گنھگار آھي.“

25. انھيءَ ماڻھوءَ وراڻيو تہ ”مون کي خبر نہ آھي تہ ھو گنھگار آھي يا نہ. آءٌ رڳو اھو ڄاڻان ٿو تہ اڳي آءٌ انڌو ھوس ۽ ھاڻي ڏسان وائسان ٿو.“

يوحنا 9